23 بدھ , جنوری 2019

سيڙپڪاري جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان هڪ اجلاس دوران لاڳاپيل وزارتن کي سيڙپڪاري جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب وزير اعظم  عمران خان جي صدارت هيٺ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسد عمر، فروغ نسيم ۽ عبدالرزاق دائود سميت وفاقي وزير ۽ صلاحڪارن، سيڙپڪاري بورڊ واري چيئرمين  هارون شريف ۽ اقتصادي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار واپاري ماحول کي هٿي ۽ سهولتن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين جي واپاري طبقي جي آسانين جي لاءِ بندوبستن تي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار بڻائڻ جي لاءِ هنگامي بندوبست جاري آهن، صوبائي سطح تي خاص اقتصادي زون جي قيام ۾ رنڊڪن کي ختم ڪري رهيا آهيون، حڪومتي پاليسين تي خانگي شعبي جو اعتماد بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اجلاس ۾ واپاري ماڻهن کي پيش ٽيڪسز ۽ پاليسي ايوشز تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران وزير اعظم چيو ته اهڙو ماحول بڻائي وڃي جنهن سان مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار راضي ٿين، سيڙپڪاري ۾ واڌ جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين گڏيل منصوبو پيش ڪندو، سيڙپڪاري جي رستي ۾ رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر ان تي ڪنٽرول ناهي ٿي رهيو: مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے