19 ہفتہ , جنوری 2019

نيب جي نثار کهڙي ۽ شرجيل ميمڻ سميت اهم شخصيتن جي خلاف انڪوائري جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. تفصيل موجب اجلاس ۾ 16 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ نثار کهڙي، سکر جي خوراڪ واري کاتي جي آفيسرن خلاف به انڪوائري شامل آهي. نيب پڌرائي موجب اڳوڻي ايم اين اي پير صابر شاهه، ڊي آءِ خان جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ کاتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. نيب ايم ڊي نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن وقار زاهد مير، وقتي ايم ڊي اوگرا، او جي ڊي سي ايل انتظامي ، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، شرجيل ميمڻ ۽ قيصر عباس جي خلاف انڪوائري جي به منظوري ڏني آهي. نيب چوبارا ليا جي ٽيڪس اوڳاڙيندڙ کاتي جي اهلڪارن، سکر جي خوراڪ کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، نيشنل پاور پارڪ مينيجمينٽ ڪمپني، گورنمنٽ هولڊنگ پرائيويٽ لميٽڊ، پاڪستان ايل اين جي لميٽڊ جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڊي جي نيب شهزاد سليم چيو آهي ته نيب ڪنهن دٻاءَ کان سواءِ جاچ جاري رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے