19 ہفتہ , جنوری 2019

توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ عامر لياقت جي معافي قبولي ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ اينڪرپرسن ۽ حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت جي غير مشروط معافي قبولي ورتي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ عامر لياقت جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عامر لياقت عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته سندس وڪيل موجود ناهي. چيف جسٽس چيو ته پنهنجي وڪيل کي گهرايو ڪيس اڄ ئي ٻڌنداسين. وقفي بعد ٻڌڻي جو ٻيهر آغاز ٿيو ته عامر لياقت هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي. عدالت عامر لياقت جي معافي قبول ڪندي اينڪرپرسن جي خلاف توهين عدالت جو ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے