19 ہفتہ , جنوری 2019

سنڌ ۾ پاڻي کان پوءِ گئس جي هٿرادو کوٽ

مظهر  خاصخيلي

دنيا ۾ ڀلي  ڪٿي ائين نه ٿيندو هجي ته جيڪا رياست يا وري صوبو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس جي پيدا وارڏيندو هجي ان جا رهواسي ان کان محروم هجن پر هتي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ حقيقت اها آهي ته  سنڌ صوبو اهڙو صوبو آهي جتان هن ملڪ کي 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار ملي ٿي پر ان صوبي جا رهواسي ان گئس کي استعمال ڪرڻ کان محروم آهن ۽ سنڌ جي روڊن رستن تي ان گئس کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ اهو به سچ آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ 70 سيڪڙو کان مٿي گئس مان سنڌ جي ٽوٽل کپت  30 سيڪڙو آهي ۽ بچت 40 سيڪڙو ڪيڏي نه ناانصافي چئبي جو سنڌ کي 70 سيڪڙو مان 30 سيڪڙو گئس استعمال ڪرڻ جي لاءِ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نئين پاڪستان جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان ۽ سندس وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گئس جي سپلا اڻ ڄا ڻايل مدي تائين بند ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته سڄي ملڪ اندر سڀ کان گهڻي ۽ ٻيڻ تي گئس سنڌ صوبو مهيا ڪري ٿو جڏهن ته سڀ کان گهٽ گئس پنجاب مان نڪري کي ۽ اتي کپت سڀن صوبن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي آهي.

هن وقت سنڌ ۾ سمورين قائم ٿيل گئس سي اين جي تان گئس ملڻ وارو سلسلو مڪمل بند ٿي ويو آهي ۽ جهڙي نموني سان سڄي ملڪ اندر اڪثرگاڏين جو هلڻ گئس وسيلي آهي ان ساڳي صورت حال جي ڪري سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان مٿي هلندڙ گاڏيون به گئس تي هلن ٿيو هاڻي جڏهن گذريل ٽن ڏينهن کان گئس جي فراهمي بند ٿيل آهي ته ان جي ڪري سڄي سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان مٿي گاڏين جو روڊ رستن تي هلڻ وارو سلسلو مڪمل بند ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري مسڪين ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ ٻيڻ تي اضافو اچي ويو آهي  هڪ طرف مهانگائي جو وڌي وڃڻ ۽ ٻئي طرف اوچتو گئس بند ٿئڻ جي ڪري روڊ رستن تي هلندڙ گاڏين جي اچڻ وڃڻ وارو سلسلو  رڪجي ويو آهي جنهن جي ڪري مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي گهرن جو گاڏو هلڻ وارو سلسلو به رڪجي ويو آهي لڳي ائين رهيو آهي ته هيءُ جيڪي مسڪين لاچار بيوس ماڻهو آهن انهن جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي.

جڏهن 2018 واري اليڪشن جو چهچٽو هلي رهيو هو ته موجودهه وزيراعظم عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ وڏي واقعي اهو چئي رهيو هو ته هن ملڪ جو ناڻو آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف گڏجي لٽيو آهي هو نئو پاڪستان اڏيندو ۽ هن ملڪ جي عوام به اهي ڳالهيون ڪندي هئي ته شايد عمران خان 70 سالن جي ٿيندڙ نا انصافين کي ختم ڪندو ۽ مسڪين ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ ڏيندو پر عوام ويچاري جيڪي اميدون رکيو ويٺو هئي موجودهه حڪومت انهن سمورين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ڇو ته ڪجهه مهينا اڃان مس ٿيا آهن جو مهانگائي تيزي سان وڌي وئي ان هوندي به ماڻهو ان آسري ۾ هوندا هئا ته ڪجهه وقت کان پوءِ بهتري اچي ويندي پر هاڻي جڏهن گئس مڪمل بند ٿي ويو آهي.

گاڏين جا مالڪ انهن کي ڪرايا اهڙا ٿا ٻڌائن جو هو اچڻ وڃڻ کان هٿ کڻي ٿا وڃن ان جي ڪري هڪ طرف لکين اهڙا خاندا آهن جن جي گهر ن جو گاڏو رستي تي ڦيٿو ڦرڻ سان هلندو آهي اهو سي اين جي اسٽيشنن جي بند ٿي وڃڻ جي ڪري مڪمل بند ٿي ويو آهي ۽ لکين ماڻهن جون چلهيون ٻرڻ کان رڪجي ويون آهن جنهن ڳالهه جي موجودهه نئين پاڪستان جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان ۽ ان جي ڪابينا کي ڄڻ ته ڪنهن قسم جي ڳڻتي ڪانه آهي.

اهو به سچ آهي ته موجودهه تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جيڪي به هن وقت وزير بڻيل آهن انهن مان اڪثريت اڳوڻي آمرپرويز  مشرف جي دور۾ وزير رهندڙن جي آهي جيڪو پرويز مشرف سري عام ميڊيا جي اڳيان اچي اهي دعوائون ڪندو هو ته هن پاڪستان جي بئنڪن کي مڪمل ڀري ڇڏيو آهي هاڻي پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت کي آءِ آيم ايف يا ڪنهن ٻئي اداري وٽ قرض کڻڻ جي لاءِ نه وڃڻو  پوندو، ان پرويز مشرف کان ڪير پڇڻ جي همٿ نٿو ڪري ۽ موجودهه وزيرعظم ۽ ان جي ڪابينا جي سمورن وزير ن جي وات مان رڳي اهو ٿو ٻڌڻ جي لاءِ ملي ته آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو اسان ملڪ کي خوشحال ڪنداسين هيءُ خوشحال ٿا ڪن يا مسڪين ماڻهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ساهه ڪڍڻ وارو عمل ٿا ورجائن.

اها به حقيقت آهي ته اڃان عمران خان کي اقتدار جون واڳون نه مليون هيون ته هن ملڪ جي انهن تجزئي نگارن ان وقت به ان ڳالهه جو انديشو ڪيو ٿي ته ڪجهه ڌريون تجربي کان خالي ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻڻ ٿيون چاهن جيڪا ڳالهه ڪنهن خطري کان خالي ناهي پر ان ڳالهه ۽ تجزين تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو ۽ موجودهه خان صاحب کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو ۽ ڏينهن کان وٺي نئين پاڪستان جي نئين وزيراعظم کي آندو ويو آهي ان ڏينهن کان وٺي ملڪ اندر رڳي بحران نظر اچي رهيو آهي  جنهن ملڪ جي وزيراعظم کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ته ڊالر ائين اوچتو ڪئين مٿي چڙهي ويو ۽ رپئي جو ملهه ڪئين ڪري پيو اهو اسان جو وزيراعظم هاڻي چوي ٿو ته گئس جو اهڙو بحران هو ته کيس ڇو آگاهه ناهي ڪيو ويو جنهن جي ڪري هن 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ان سلسلي ۾ به جيڪي ڪجهه سامهون آيو آهي اهو به ڪنهن عجيب ڳالهه کان گهٽ ناهي ڇو ته اوچتو گئس جي جيڪا قلت سامهون آئي آهي ان جي ذميوار اوگرا ۽ پيٽروليم واري وزارت آهي ان جو وزير ان ڳالهه جو جوابدار آهي ۽ هيءَ سموري نااهلي ان جي کاتي ۾ وڃي ٿي پر موجودهه وزير اعظم ان کي نااهلي جي سزاڏئڻ بجاءِ جيڪا ڪاميٽي گئس بحران جي حوالي سان ٻن ڪمپنين سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن  ايم ڊيزجي جاچ ڪندي ان جو سربراهه مقرر ڪيو آهي جنهن جي ڪري ڪجهه ڌرين جو اهو موقف به سامهون آيو آهي ته موجودهه گئس جو بحران هٿ سان پيدا ڪرايل آهي ۽ ان بحران جي پويان پيٽرول جو واپار ڪندڙ سرمائيدارن جو هٿ آهي جيڪي گئس جي کوٽ جي ڪري پيٽرول جي کپت ۾ اضافو ڪرائڻ چاهن ٿا.

اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي يا نه ان جي جاچ به نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙ موجودهه وزيراعظم عمران خان کي ڪرڻ گهرجي باقي اهو سچ آهي ته ڪجهه سرمائيدا رهن ملڪ کي هلائي رهيا آهن جن مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي ڪري گئس جو بحران پيدا ٿيو آهي جنهن جي ڪري سڀ کان گهڻو پريشان ان سنڌ جا ماڻهو آهن جنهن سنڌ وٽ 70 سيڪڙو کان مٿي گئس جي پيداوار آهي هيءَ ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن ترقي ڪندڙ ملڪ جي عوا م اڳيان ڪجي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه کي نه مڃيندا ۽ هڪ به عقلمند ماڻهو اهو تسليم نه ڪندو ته جنهن صوبي مان 70 سيڪڙو گئس نڪري ٿي ان صوبي جي رهواسين جي استعمال ۾ 30 سيڪڙو اچي ۽ 40 سيڪڙو بچت هجي ان جي باوجود ان صوبي جي ماڻهن کي گئس استعمال ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنو وڃي پر حقيقت ۽ سچ اهو آهي ته دنيان جي نقشي تي قائم اهڙو صوبو سنڌ آهي جنهن جي رهواسين سان اها ناانصافي ڪئي ٿي وڃي.

هڪ طرف پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو سخت پريشان آهن ته هنن کي ڪڻڪ جي فضل جي ڇٽ ڪرڻ جي ڪري پاڻي گهرجي ۽ مٿي منڍ ۾ هجڻ جي ڪري پنجاب پاڻي کڻي ٿو ۽ سنڌ ان جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي  سنڌ جا آبادگار ۽ مسڪين هاري ان مشڪلات کي منهن ڏئي رهيا آهن. هڪ طرف هاري ۽ آبادگار پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊ رستن تي نڪتل آهن ته مٿان وري اوچتو اڻ ڄاڻايل مدي تائين سنڌ ۾ قائم سي اين جي اسٽيشنن کي بند ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري هن وقت سڄي سنڌ اندر اهڙي صورت حال آهي جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهي خاص ڪري مسڪين ۽ غريب پورهيت تمام گهڻو پريشان آهن جن وٽ وسيلا گهٽ آهن ۽ هنن جون ننڍڙيون ننڍڙيوضرورتون گهڻيون آهن جن کي پورو ڪري ناهن سگهندا مٿان وري گئس جي بند ٿئڻ جي ڪري انهن جي سورن ۾ اضافو اچي ويو آهي هاڻي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر جهڙي نموني سان پاڻي جي کوٽ کان پوءِ اوچتو گئس  جي قلت سامهون آئي آهي ان مان ڏسڻو اهو آهي ته موجودهه وفاقي حڪومت نئين جڙندڙ پاڪستان اندر سنڌ کي ڪٿي ٿي بيهاري جيڪا سنڌ صدين کان وٺي قائم ۽ دائم آهي اها سنڌ پنهنجا سور ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ڌڻين جا ڏک ۽ تڪليفون ڪنهن وٽ کڻي وڃي بيان ڪري ۽ سنڌ ڪنهن وٽ پنهنجو ڪيس داخل ڪرائي ته پاڻي کان پوءِ گئس جي کوٽ ڇو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جون ڪارروايون ۽ شڪايتن جي لسٽ

عارف  نظامي وزيراعظم عمران خان تي ناجائز نموني هيلي ڪاپٽراستعمال ڪرڻ واري ڪيس جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے