19 ہفتہ , جنوری 2019

پاڪستان آمريڪا جون افغان طالبان سان ڳالهايون ڪرايون: عمران خان

پشاور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ پهريون ڀيرو پبلڪ ميٽنگ ڪري رهيا آهيان. هن صوبي جي عوام اسان کي ٻيون ڀيرو مينڊيٽ ڏنو ان جي ڪري عوام جي زندگي بهتر بڻائن آهي. خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير  محمود خان هڪ ايماندار ماڻهو آهي. وزير اعظم ڪي پي جي عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ ۾ سسٽم تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري هڪ تعليمي نصاب بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ انساني ترقي جي لاءِ ڪو به ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ملڪ ۾ امير ۽ غريب جو فرق ختم ٿيڻ گهرج ، هن چيو ته سئو ڏينهن ۾ جيڪي پاليسيون بڻايون اُهي سڀ هيٺين طبقي کي نظر ۾ رکندي بڻايون ويون آهن. وزير اعظم چيو ته ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ هر قوم سيڙپڪاري جي بنياد تي ترقي ڪئي. جيستائين واپار ۾ آسانيون  پيدا نه ڪيون وينديون تيستائين سيڙپڪاري نه ايندي، مسئلو اِهو آهي بيوروڪريسي جي سوچ آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اِها آهي ته اسان سئو سال غلامي ڪئي ۽ انگريز جي دور ۾ حڪومتي پيسا چوري ڪرڻ کي خراب سمجهيو ويندو هو. هن چيو ته آزادي کان پوءِ حڪومتن عوام جي باري ۾ نه سوچيو. وزيرن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هن کي سڀ خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙو وزير ڪهڙي وقت اچي رهيو آهي. عوام جي هڪ هڪ پيسي جو حساب رکيو ويندو. عوام کي گهرجي ته حڪومت تي نظر رکي. دنيا ۾ پاڪستان سڀ کان گهٽ ڏيندڙ ملڪ آهي. هن ٻڌايو ته آئل ڪمپني ايگز ون پاڪستان آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ميان ڀائرن 40 ارب رپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا. وزير اعظم ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ساڍا 300 ارب زمين ڇڏرائي وئي. عوام جي زمين تي قبضا مافيا قبضو ڪري رکيو هو. هن اِهو به ٻڌايو ته پاڪستان افغان طالبان جي ڳالهه آمريڪا سان ڪرائي. آمريڪ طالبان سان ڳالهين جي لاءِ پاڪستان کان مدد گهري رهيو آهي. سياحت جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پشاور جي قلعن کي سياحتي مقام بڻائيناسين ۽ سياحت کي هٿي ڏينداسين ڇو ته پاڪستان کي سياحت مان فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے