18 جمعہ , جنوری 2019

وزير ڪم ڪن ۽ جيڪي ڪم نٿا ڪن انهن کي فارغ ڪيو وڃي: عمران خان

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان صوبائي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته وزير ڪم ڪن ۽ جيڪي آفيسر  ڪم نٿا ڪن انهن کي فارغ ڪيو وڃي. پشاور ۾ ”شيلٽر هوم“ جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي تعريف ڪندي چيو ته محمود خان سادو، سچو ۽ ايماندار انسان آهي. پشاور ۾ پنج مهمان خانا ٺاهيا ويا آهن، ان تي وڏي وزير کي مبارڪ ڏيان ٿو. محمود خان جي ايمانداري تي يقين آهي. هن ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير جي به تعريف ڪندي چيو ته عثمان بوزدار کي وڏو وزير ڪيو ته اسان سان مذاق ڪئي وئي. عثمان بوزدار سادو، ايماندار ۽ دلير آهي جيڪو سڀن مافيا جي خلاف بيٺو آهي، پنجاب جي ماڻهن کي غلط عادت وڌل هئي، اتي وڏو وزير بادشاهه بڻيل هو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته 2013 ۾ خيبرپختونخواهه ۾ گڏيل حڪومت  ٺاهي، خيبر پختونخواهه جا ماڻهو ٻيو موقعو ناهن ڏيندا پر اسان کي ڏنو ۽ اسان مينڊيٽ وٺڻ لاءِ روايتي حربو استعمال نه ڪيو، صوبي جي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آئي ان ڪري هنن ٻيون موقعو ڏنو، ڪو به تڪ کولرائڻ چاهيو ٿا ته اسان تيار آهيون. ان موقعي تي عمران خان شهباز شريف کي ۽ نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير وزيراعظم جو جهاز استعمال ڪندو هو ۽ هن ذاتي تفريح تي 35 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڪارڪردگي رڳو اشتهارن ۾ هئي. پاڪستان ۾ غريب ۽ امير ۾ فرق وڌندو ويو پر هيٺين طبقي کي مٿي آڻڻ لاءِ ڪنهن به نه سوچيو، سموري پاڪستاني ٻارن جي لاءِ هڪ نصاب تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم پنهنجي وزيرن کي خبردار ڪندي چيو ته سڀني وزيرن کي وقت تي آفيس وڃڻ گھرجي ۽ روز وڃڻ گھرجي، اتي شام تائين ويهڻ گھرجي پر پوءِ ڪير به ائين نه چئي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، نه ته فارورڊ بلاگ ٺهي ويندو. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيرن کي هدايت ڪريان ٿو ته توهان وٽ ٽي مهينا آهن، وزير محنت ڪن ڇو ته وڏن ايم پي ايز جا پيغام اچي رهيا آهن سڀ وزير ٿيڻ چاهن ٿا، ڪو به بيوروڪريٽ ڪم نٿو ڪري ته کي ان کي گهر موڪليو، جيڪڏهن بيوروڪريٽ رنڊڪ پيدا ڪن ٿا ته انهن جي خلاف ايڪشن ورتو وڃي، ڪو به ماڻهو اِهو نه ٻڌندو ته فلاڻي فلاڻي بيوروڪريٽ ڪم ناهي ڪرڻ ڏنو، توهان چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪڏهن ڪم نه ڪيو ته ماڻهو ڏنڊا هڻندا. هن جو چيو ته اسان کي سيڙپڪارن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن، ماضي ۾ انساني ترقي تيءَ ڪا به سيڙپڪاري نه ڪئي وئي. منهنجو پيءُ جڏهن 1950ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ آيو ته هو هڪ مهيني جي پگھار ۾ گاڏي خريد ڪري سگھي پيو پر هاڻي وزيراعظم کي جيڪا پگھار ملي ٿي ان مان منهنجو بني گالا جو خرچ به ڪو نه ٿو هلي. وزيراعظم آمريڪا جي  معاملي تي ڳالهيندي چيو ته ماضي ۾ ڊومور جو مطالبو ڪرڻ وارو آمريڪا هاڻي چوي ٿو ته طالبانن سان مذاڪرات ڪرايو، جڏهن مان اهو چوندو هئس ته اهو مسئلو ڳالهين کان سواءِ حل نه ٿيندو ته مونکي طالبان خان بڻايو يو، اڄ آمريڪا ۽ طالبان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان کي ڪرائڻيون آهن. قبائلي علائقن جو خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ کان علاوه ڪو ٻيو آپشن نه هو. گورنر ، وزيراعليٰ ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي سينيٽرن فاٽا ۾ ڊولپمينٽ جو روڊ  ميپ ڏيندا ۽ فاٽا جي ماڻهن کي سڀ کان پهرين هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين . ايگزون 27 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ، ايگزون پاڪستان ۾ سمنڊ ۾ هڪ جڳهه ڏٺي آهي جتي اهو ڊرلنگ ڪندا ، ايگزون سمنڊ ۾ مخصوص جڳهه تي گيس جي موجودگي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جنهن سان 50 سال تائين ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے