18 جمعہ , جنوری 2019

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي دهشتگردي، وڌيڪ 9 ڪشميري شهيد

 Indian troops martyr five Kashmiri youth in Pulwama

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾  وڌيڪ 9 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. قابض فوج پلوامه ضلعي جي علائقي خارپورا ۾ آپريشن ڪندي 3 ڪشميري نوجوانن ظهور ، عدنان ۽ منظور کي شهيد ڪري ڇڏيو.  بي ڏوهه نوجوانن جي شهادت تي ڪشميري وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڀارتي جارحيت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن دوران فوج ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ سخت چڪريون ٿيون، قابض فوج خالي هٿين ڪشميرين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 6 نوجوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا.  علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. ڪٺ پتلي انتظاميا سموري ڪشمير ۾ ٽرين ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي آهي. ساڳي ئي علائقي ۾ دستي بم حملي ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ڀارتي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ظهور ٺوڪر، عدنان ۽ منظور جو تعلق حذب المجاهدين سان هو جڏهن ته عامر احمد ۽ عابد احمد عام شهري هئا. ڀارتي ميڊيا موجب ظهور ٺوڪر حزب المجاهدين جو اعليٰ ڪمانڊر هو جڏهن ته عدنان ۽ منظور سندس ساٿي هئا. ظهور ٺوڪر پهريان ڀارتي فوج ۾ هو پر بعد ۾هن نوڪري ڇڏي عسڪريت پسند جماعت ۾ شموليت اختيار ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے