18 جمعہ , جنوری 2019

مخالف ڌر جو سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر تائين ٻنهي ايوانن جي بائيڪاٽ تي اتفاق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر ۾ خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ تي اتفاق ٿي ويو. ذريعن موجب مسلم ليگ ن  خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن جي بائيڪاٽ جي لاءِ ٻين مخالف پارٽين سان ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون آهن جنهن بعد مخالف ڌر جي وچ ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي بائيڪاٽ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي ۽ متحده مجلس عمل به بائيڪاٽ جي معاملي تي مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي پر ان حوالي سان حتمي منظوري سومر جي ڏينهن مخالف ڌر جي گڏيل اجلاس ۾ ورتي ويندي جنهن جي صدارت مسلم  ليگ ن جو چيئرمين ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے