23 بدھ , جنوری 2019

دهشتگردن خلاف مزاحـمتي قيادت ڪندا رهنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم شاگردن جو ناحق قتل ان وقت تائين قوم جي ضمير کي جنجهوڙيندو رهندو، جيستائين هن ملڪ مان دهشتگردن جو مڪمل طور خاتمو نٿي ٿئي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي چوٿين ورسي جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 4 سال اڳ دهشتگردن معصوم ٻارن تي حملو ڪري سڄي دنيا کي ڏُکارو ڪري ڇڏيو، اهو سانحو پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ سدائين صدمي جو سبب رهندو، اسان به متاثر خاندانن سان گڏ بيٺا آهيون. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي هن رياست ۽ پاڪستاني عوام جي بدترين دشمن آهي،  پ پ دهشتگردن جو بدترين نشانو بڻجڻ باوجود انهن خلاف مزاحمتي قيادت ڪندي رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پران تي ڪنٽرول ناهي ٿي رهيو: مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے