18 جمعہ , جنوری 2019

پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جو مقصدپاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ آهي ۽ پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي. وزير اعظم عمران خان سان ڊيرا غازي خان ڊويزن سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي، اسان جو مقصد پاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ آهي، هيٺين طبقي کي مٿي آندو ويندو. وزير اعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ملڪ جي ترقي ۽ وسيلن کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي. موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب کي ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڏکڻ پنجاب جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف جي نظريي تي 2018ع جي اليڪشن ۾ ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے