19 ہفتہ , جنوری 2019

برٽش ايئرويز بعد ٻيون ڪمپنيون به پنهنجو آپريشن بحال ڪنديون: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته برٽش ايئر ويز کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، برٽس ايئرويز کان پوءِ ٻيون ڪمپنيون به پنهنجو آپريشن بحال ڪنديون. تفصيل موجب سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغا۾ ۾ چيو ته پاڪستان ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي. هن چيو ته برٽش ايئرويز جو هوائي آپريشن بحال ڪرڻ خوشي جي ڳالهه آهي، اسان جي خوبصورت ملڪ کي ڪيترائي ماڻهو درست طريقي سان سمجهي ئي ناهن سگهيا. فواد چوڌري چوڌري چيو ته برٽش ايئرويز کان پوءِ ٻيون ڪمپنيون به پنهنجو آپريشن بحال ڪنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے