19 ہفتہ , جنوری 2019

دوست ملڪن کان ملندڙ رقم هلندڙ سال جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي: اسد عمر

 اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ايندڙ مهيني مني بجيٽ آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب رياستن ۽ چين کان گڏيل طور تي 12 ارب ڊالر ملڻا آهن. رپورٽن مطابق فاروق نائيڪ جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر ملي چڪا آهن ۽ آئل فيسليٽي جنوري کان شروع ٿي ويندي، ايندڙ ٽن سالن تائين ماهوار 27 ڪروڙ ڊالرن جو تيل سعودي عرب کان اوڌر تي ورتو ويندو، سعودي عرب کان قرض جي گڏيل رقم 6 ارب ڊالر هوندي، گڏيل عرب رياستن سان ڳالهيون پڻ آخري مرحلن ۾ آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا، سعودي عرب، گڏيل عرب رياستن ۽ چين کان گڏيل طور تي 12 ارب ڊالر حاصل ٿيندا ۽ ٽنهي ملڪن کان ملندڙ رقم هلندڙ سال جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته يو اي ايِ کانسواءِ چين سان ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن، مان حلف کڻڻ کان وٺي آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهيان، اسان اڪنامڪ صلاحڪاري ڪونسل ۾ تجويزون گهريون هيون، سواءِ هڪ جي سمورن معاشي ماهرن آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي صلاح ڏني جڏهن ته اڄ پڻ منهنجي آءِ ايم ايف اختيارين سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ اميد آهي ته وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ناڻي واري وزير سان مشاورت ڪري فيصلو ڪري ٿي ۽ مستقبل ۾ به مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته 2017ع  معاشي تاريخ ۾ منفرد هو، هن سال جيان معاشي بحران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڪڏهن ناهي آيو، 1998ع ۽ 2008ع ۾ به معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو هو، 2017ع ۽ 2018ع ۾ 19 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو رڪارڊ ڪيو ويو، مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ هر مهيني 2 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هلي رهيو آهي، جيڪڏهن اهڙي رفتار سان هلون ها ته ساليانو 24 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو رڪارڊ ٿئي ها، خساري کي روڪڻ لاءِ فسڪل ۽ مانيٽري پاليسي تحت قدم کنيا ويا. اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف کي فريم ورڪ اماڻي چڪا آهيون ۽ مڪمل پروگرام ڏئي چڪا آهيون، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ جي جلدي ناهي، جيستائين سٺو پروگرام نٿو ملي قرض وٺڻ جو فيصلو نه ڪنداسين، آءِ ايم ايف سان معاشي ريفارمز تي اختلاف آهن، اسان کي جهاز کي لينڊ ڪرائڻو آهي، ڪريش لينڊنگ ناهي ڪرڻي. بريفنگ دوران ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته جنوري ۾ مني بجيٽ آڻيون، پر في الحال ان جو فيصلو ناهي ٿيو، ان حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي، مني بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے