20 ہفتہ , اپریل 2019

مولانا ابـُو الڪلام آزاد ۽ چانهه:امام راشدي

نوٽ: مولانا ابُو الڪلام آزاد برِ صغير جو وڏو عالم ۽ اڪابر هجڻ سان گڏ اعليٰ اديب ۽ تاريخدا پڻ هو. سندس شُهرت جا ڪيئي حوالا آهن. سياست ۽ ادب ۾ مٿانهون مقام رکندڙ مولانا آزاد ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا. هُو جيل به ويو ۽ اتي به هن علم ۽ قلم جو ساٿ نه ڇڏيو. مولانا آزاد جڏهن 1942ع کان 1945ع تائين قلعه احمد نگر ۾ قيد هيو ته اتان پنهنجي دوستن کي خط لکندو هو. مولانا صاحب جو ”غبارِ خاطِر“ نالي ڪتاب انهن خطن جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. مولانا صاحب پنهنجن احبابن نواب صدر يار جنگ ۽ مولانا حبيب الرحمان شيرواني رئيس ڀيڪم پور کي لکيا هئا پر جيئن ته قلعه احمد نگر جي قيد خاني ۾ دوستن کي خط لکڻ جي اجازت ڪا نه هئي، تنهن ڪري اهي خط هڪ فائيل ۾ رکيا ويا ۽ اهي خط مولانا جي آزاديءَ کان بعد ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ۽ ادب جي دنيا ۾ مشهور ٿيا. هت مولانا ابو الڪلام آزاد جي انهن خطن مان “چانهه” بابت دلچسپ معلومات مهيا ڪجي ٿي.

مان چانهه کي چانهه لاءِ پيئندو آهيان، ماڻهو کيرَ ۽ کنڊ جي لاءِ پيئندا آهن. منهنجي لاءِ اها مقصدن ۾ داخل ٿي ۽ هُنن لاءِ وسائل ۾. غور ڪيو ته منهنجو رخ ڪهڙي طرف آهي ۽ زمانو ڪاڏي ٿو وڃي؟ چانهه چين جي پيداوار آهي ۽ چينين مطابق اها پندرنهن سؤ سالن کان استعمال ڪئي پئي وڃي. پر اتي ڪڏهن به ڪنهن جي خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه آئي هئي ته هِن لطيف جوهر کي کير جي غلاظت سان آلودو ڪيو ويندو. چانهه چين مان سڌوسئون روس، ترڪستان، ايران وغيره وئي اتي به ڪنهن کي اهو خيال نه آيو. پر سترهين صديءَ ۾ جڏهن انگريز ان کان واقف ٿيا ته خبر ناهي انهن ماڻهن کي ڇا سمجهه ۾ آيو جو انهن چانهه ۾ کير ملائڻ جي بدعت ايجاد ڪئي. جيئن ته هندستان ۾ چانهه جو رواج انگريزن وڌو هو، ان ڪري اها بدعت هت به پکڙجي وئي. هوريان هوريان معاملو اتي وڃي پهتو ته ماڻهن چانهه ۾ کير وجهڻ بجاءِ کير ۾ چانهه وجهڻ شروع ڪئي. هاڻي انگريز ته اهو چئي پري ٿي ويا ته چانهه ۾ کير گهڻو نه وڌو وڃي. پر ماڻهو ته چانهه جي جاءِ تي سيال حلوو ٿا ٺاهن جنهن کي کائڻ بجاءِ پيئن ٿا ۽ وري خوش ٿا ٿين.

ائين وري بنيادي سوال چانهه جي نوعيت جو به آهي. ان باري ۾ به هڪ عالمگير غلط فهمي پيدا ٿي پئي آهي. عام طور تي ماڻهو اهو ئي ٿا سمجهن ته اها ئي خاص چانهه جي پتي آهي، جيڪا هندستان ۽ سيلون ۾ پيدا ٿي ٿئي. ان پتيءَ جا مختلف قسم ٺاهي هڪٻئي تي ترجيح ڏيندا آهن. هڪڙو گروهه چوندو آهي ته سيلون جي چانهه بهتر آهي ۽ ٻيو چوندو ته دار جلنگ جي پتي بهتر آهي. حالانڪه انهن خود فريبن کي ڪير سمجهائي ته جنهن شيءِ تي وڙهو ٿا، اها اصل ۾ چانهه آهي ئي ڪانه!

اصل ۾ اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ اها عالمگير غلطي ائين پيدا ٿي ته جڏهن چانهه جي گهرج هر طرف وڌڻ لڳي هئي ته هندستان جي ڪيترن ئي انگريزن کي خيال آيو ته سيلون ۽ هندستان جي بلند ۽ برسات وارن هنڌن تي چانهه پوکڻ جو تجربو ڪجي، ان لاءِ هُنن چين مان ٻُوٽا گهرايا ۽ هت پوکڻ شروع ڪيا ۽ هتان جي مٽيءَ چانهه پيدا ڪرڻ کان ته انڪار ڪري ڇڏيو، پر اهڙي شڪل ۽ صورت واري هڪ ٻي شيءِ پيدا ٿي پئي. هنن ان جو نالو به چانهه رکي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ته جيئن اصلي چانهه کان الڳ رهي، ان کي وري ڪاري چانهه چوڻ لڳا. ان معاملي جو حيرت جوڳو پهلو هي به آهي ته خود چين جا ڪي ماڻهو انهيءَ عالمگير فريب جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ان کي پتي سمجهي پيئڻ لڳا. هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته بدخشانين لال پٿر کي لعل سمجهيو ۽ ڪشميرين وري رنگين گاهه کي زعفران سمجهي پنهنجا پٽڪا رنگڻ شروع ڪيا.

عام طور تي کنڊ هر شيءِ ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. اها چانهه ۾ به وڌي وڃي ٿي ان لاءِ ڪنهن خاص کنڊ جو اهتمام ضروري ناهي. تنهن ڪري سَنهن داڻن واري کنڊ استعمال ڪرڻ کپي جيڪا پهريائين جاوا ۽ ماريشس مان ايندي هئي اها هاڻي هندستان ۾ به ٺهڻ لڳي آهي. حالانڪه چانهه جو معاملو ٻين شين کان بلڪل مختلف آهي. ان کي حلوو نه بڻايو وڃي. چانهه جو مزاج ايتري قدر ته لطيف ۽ بي مثل آهي جو ڪا به شيءِ صاف  لطيف نه هوندي ته فورن ان کي گدلو بڻائي ڇڏيندي. کنڊ توڙي جو صاف ڪيل رَسُ مان ٺهي ٿي پر پوري طرح صاف ناهي هوندي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اها کنڊ جيئن ئي چانهه ۾ وجهبي ته ان جو ذائقو ۽ تازگي آلوده ٿي ويندا، توڙي جو اهو اثر هر حال ۾ پوندو آهي تنهن ڪري کير سان پيئڻ ايتري قدر محسوس ناهي ٿيندي، ڇو ته کير جي ذائقي جو وزن چانهه جي ذائقي تي غالب اچي ويندو آهي ۽ ائين ڪم هلي ويندو آهي. پر سادي چانهه پيئندؤ ته فورن ٻڌائيندي. ان ڪري کنڊ صاف شفاف ۽ برف جيان اڇي هجي. اهڙي کنڊ ٿلهن داڻن جي شڪل ۾ به اچي ٿي. مان ته هميشه وڏن داڻن واري صاف شفاف کنڊ ڪم آڻيندو آهيان. منهنجي لاءِ کنڊ جي نوعيت جو اهو فرق اهڙو ئي محسوس ۽ نمايان ٿيو، جيئن شربت پيئڻ وارن کي کنڊ ۽ ڳُڙ جو فرق ٿيو. گهڻا ماڻهو چانهه جي لاءِ صاف ڳنڍا ۽ ٿلهن داڻن واري کنڊ استعمال ڪندا آهن ۽ يورپ ۾ ته گهڻو ڳنڍن جو رواج آهي، مگر اهو ان لاءِ ناهي ڪيو ويندو ته چانهه جي ذائقي جي لاءِ اها ڪا ضروري شيءِ آهي. پر تڪلف جي خيال کان ائين ڪيو وڃي ٿو جو اهڙي کنڊ قيمتي هوندي آهي. توهان ته انهن کي معمولي کنڊ وجهي ڏيو ته بنا شڪ جي پي ويندا ۽ ذائقي ۾ ڪا به تبديلي محسوس نه ڪندا.

کنڊ جي معاملي ۾ جن حقيقت کي ڄاتو اهي ايراني آهن. عراق ۽ ايران ۾ عام طور تي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اهي چانهه جي لاءِ کنڊ جي جستجو ۾ رهندا هئا ۽ ان کي معمولي کنڊ تي ترجيح ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کنڊ صاف ٿيندي آهي ۽ اهو ئي ڪم ڪندي آهي جيڪا ٿلهن داڻن واري کنڊ ڪندي آهي.

چانهه جي معاملي ۾ سڀ کان گهڻو پسند ڪندڙ قوم ڪهڙي هئي ته مان بنا هَٻڪ جي انگريزن جو نالو وٺندس، هيءَ عجيب ڳالهه آهي يورپ ۽ آمريڪا ۾ چانهه انگلستان جي رستي وئي ۽ دنيا ۾ ان جو عالمگير رواج به انگريزن وڌو. پر حقيقت جي حال کان ايترو ته پري ٿي ويا جو حقيقي لطف ۽ ڪيفيت وارو ذوق انهن کي ڇُهي به نه سگهيو. انهن چين کان چانهه پيئڻ ته سکي ورتي، پر ٻيو ڪجهه نه سکي سگهيا. اول ته هندستان ۽ سيلون جي ڪاري پتي واري چانهه انهن جي ذوق واري رهي. وري قيامت اها ڪيائون جو ان ۾ ٿڌو کير وجهي ان کي غليظ ڪري ڇڏيائون. جيڪا به پتي پاڻي کي ڪارو ڪري ۽ هڪ تيز بوءِ پيدا ٿئي ته اها چانهه آهي ۽ ان ۾ ٿڌي کير جو هڪ چمچو وجهي ڪافي مقدار ۾ گندگي پيدا ڪري سگهجي ٿي. توڙي جو فرانس ۽ براعظم ۾ گهڻو رواج ڪافي جو پيو، البت اعليٰ طبقي جا ماڻهو چانهه جو شوق به رکن ٿا بهرحال انهن جو ذوق انگريزن کان ڪيترا درجا بهتر آهي. اهي گهڻو ڪري چيني چانهه پيئندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪاري چانهه پيندا ته به اڪثر حالتن ۾ بنا کير جي يا ليمي جي هڪ ڦار سان جيڪا چانهه جي لطف کي نقصان ناهي پهچائيندي بلڪه ان ۾ نکار آڻي ڇڏيندي آهي. اها ليمي واري ترڪيب اصل ۾روس، ترڪستان ۽ ايران مان هلي، سمرقند ۽ بخارا ۾ عام دستور اهو آهي ته چانهه جي هر ٽين پيالي ليمي واري هوندي آهي. گهڻا ايراني ليمي واري چانهه واپرائيندا آهن، هيءَ کير واري ڪمبخت آفت ته رڳو انگريزن جي آندل آهي.

هاڻي هيڏانهن وري هڪ ٻي نئين مصيبت منهن ڪڍيو آهي، اڃا تائين ته رڳو کنڊ جي عام قسم واري استعمال جو پِـٽڻو پِٽيو پئي ويو پر هاڻي معاملو ڳُڙ تائين پهچڻ وارو آهي. قديم هندستان جي ماڻهن جڏهن ڳڙ جي منزل کان قدم اڳتي وڌائڻ چاهيو ته ڳڙ کي گهڻي قدر صاف ڪري ڳاڙهي کنڊ ٺاهڻ لڳا هئا. اها کنڊ صفائي سٿرائي واري منزل کان دور هئي، مگر ناصاف ڳُڙ کان هڪ قدم اڳتي نڪري آئي. ان کانپوءِ جڏهن اڇي کنڊ عام طور ٺهڻ لڳي ته ان جو گهڻو استعمال ڳوٺن تائين محدود ٿي ويو. پر هاڻي دنيا ترقيءَ کان پوئتي موٽي رهي آهي، جتان سوين سال اڳ اڳتي وڌي هئي. تنهن ڪري انهيءَ ڳاڙهي کنڊ جي گهُرج وڌي وئي آهي. اتان جا ذوق رکندڙ چون ٿا ته انهيءَ کنڊ کان بغير ڪافي مزو نٿي ڏي ۽ اتي باقاعده مقرر آهي. اڄڪلهه آمريڪا ۾ انهن جي ئي پوئواري ڪندي هتان جي شوقينن به “براؤن شگر” جون صدائون بلند ڪرڻ لڳا آهن. منهنجي هيءَ پيشن گوئي به لکي رکڻ جهڙي آهي ته عنقريب براؤن شگر وارو هلڪو پردو به کڄي ويندو ۽ هر طرف صاف ڳُڙ جي گهرج وڌي ويندي ۽ جديد ذوق وارا چوندا ته ڳُڙ وجهڻ بنا نه چانهه ٿي مزو ڏئي نه ڪافي. کنڊ ۽ ڳڙ جي دنيا ايترو ته هڪٻئي کان مختلف ٿي ويون آهن جو ماڻهو هڪ جو ٿي وڃڻ کانپوءِ ٻئي جي قابل نٿو رهي. مون ڏٺو آهي ته جن ماڻهن زندگيءَ ۾ ٻه چار ڀيرا ڳُڙ کاڌو آهي ته انهن ۾ پوءِ کنڊ جي تازگيءَ جو احساس باقي نٿو رهي. جواهر لال نهرو جيئن ته مٺاڻ جو ڏاڍو شوقين هو، ان ڪري ڳڙ جو شوق به رکندو آهي. منهنجي حوالي سان جيڪڏهن چين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهو ان ڪري ناهي ته جنرل چنگ، ڪافي شڪ ۽ ميڊم چنگ اتان آيا هئا. بلڪه ان ڪري جو چانهه اتان پئي اچي.

ڪافي عرصي کان جنهن چيني چانهه جو عادي آهيان اها ”وائيٽ جيسمن“ (Whit Jasmine) سڏبي آهي. يعني “سفيد ياسمين” جنهن کي ٺيٺ لفظن ۾ “گوري چنبيلي” چئجي ٿو. جيتري ان جي خوشبو لطيف آهي اوتري ئي رنگت ڪڙڪ ۽ تيز آهي. پر ماڻهن ان کي وهندڙ باهه سان تعبير ڏني آهي. ليڪن باهه جو تخيل ته پوري زمين آهي ۽ چانهه جو درجو ٻيو ڪجهه ٿو چاهي. مان سج جي ڪرڻن کي مُٺيءَ ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته جيئن ڄڻ ڪنهن سج جا ڪِرڻا حل ڪري صاف پيالين ۾ ملائي ڇڏيا هجن.

جنگ جي ڪري جهازن جي آمد و رفت بند ٿي آهي ته ان جو اثر چانهه تي به پيو آهي. مان ڪلڪتي جي جنهن چيني اسٽور تان گرائيندو هوس، انهن جو ذخيرو به جواب ڏيڻ لڳو آهي. مون کي ڪجهه دٻا ملي ويا ۽ ڪجهه چيني دوستن به تحفي طور موڪلي ڏني هئي. جڏهن ڪلڪتي مان نڪتو هوس ته هڪڙو دٻو کڻي آيو هيس ۽ ٻيو گهر ۾ رکي آيس. بمبئي مان گرفتار ڪري هتي آندائون ته اهو سامان به اچي ويو. اڃا اهو دٻو ختم ٿيو ئي ڪو نه ته گهر وارو دٻو به پهچي ويو. اهڙي طرح هتي ٻين شين جي کڻي ڪيتري به گهٽتائي محسوس ٿئي، پر چانهه جي گهٽتائي محسوس نه ٿي ۽ جيڪڏهن چانهه جي گهٽتائي جو نتيجو اهو ئي نڪري ٿو ته پوءِ ڪنهن به شيءَ جي ڪمي محسوس ناهي ٿي. ان جو فڪر ناهي ٿيو ته هي آخري دٻو ڪيستائين هلندو. پر هڪڙو دٻو ڪيستائين ڪم ڏئي پئي سگهيو؟ آخر ختم ٿيڻ تي آيو، چيتا خان به هٿ ڳولا ڪرائي، پونا به لکيم پر هن قسم جي چانهه جو ڪو به پتو نه پيو هاڻي وري بمبئي ۽ ڪلڪتي لکرايو آهي، ڏسون ڇا ٿو نتيجو نڪري. هڪ هفتي کان اها ئي هندستان جي ڪاري چانهه پيو پيئان ۽ مستقبل جي اميد تي پيو جيئان! اڄڪلهه چيني هندستان جي سڀني شهرن ۾ پهچي ويا آهن ۽ هر هنڌ چيني هوٽل کلي ويا آهن. جيئن ته احمد نگر، انگريزي فوج جي وڏي ڇانوڻي آهي، ان ڪري هِت به هڪ چيني هوٽل کليو آهي، جيلر کي خيال آيو ته هيءَ چانهه انهن ماڻهن وٽ ضرور هوندي. هُن خالي دٻو موڪلي معلوم ڪيو پر انهن دٻو ڏسندي ئي چيو ته هيءَ چانهه هاڻي ڪٿي ملندي؟ پر توهان کي هي دٻو ڪٿي مليو؟

هت اسان جي قيدين واري قافلي ۾ هن جنس جو ڪو به ڄاڻُو ڪونهي ڪو. اڪثر قيدي کير ۽ ڏهي جا شوقين آهن ۽ توهان سمجهي سگهو ٿا ته کير ۽ ڏهيءَ واري دنيا، چانهه جي دنيا کان ڪيترو پري بيٺي آهي. عمريون گذري وڃن پوءِ به اهي دوريون ختم نه ٿينديون، ڪٿي خمار، سُرور ۽ شوق ڏياريندڙ شهر ۽ ڪٿي کير ۽ ڏهي مان پيٽ ڀرڻ واري نگري  ۽ ان چانهه جي هت ضرورت ڪيئن پيش آئي؟ ڇا چين جو ڪو وڏو ماڻهو هت اچي رهيو آهي؟ جيڪو وارڊر بازار ويو هو، ان ڪيتريون ئي ڳالهيون ٺاهيون پر تسلي نه ٿي. ٻئي ڏينهن سڄي شهر ۾ افواهه پکڙجي ويو ته ميڊم چنگ ڪائي شڪ قلعي جي قيدين سان ملڻ پئي اچي ان لاءِ اهڙي چانهه جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿر واسي نوجوانن ۽ سڄاڻ ڌرين يونيورسٽيءَ جي گُهرَ ڪري ڇڏي:رپورٽ: صدام ساگر

پرتاب شيواڻي (تعليم دان) يونيورسٽي ھئڻ جي گھرج جو بنياد معياري تعليم تي ٻڌل آھي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے