16 ہفتہ , فروری 2019

امڪاني نقصان کان بچڻ ۽ هر پوک مان منافعو ڪمائڻ لاءِ هڪڙي ئي محنت، هڪڙي ئي خرچ سان، هڪ کان وڌيڪ فصل پوکڻ!:مٺل جسڪاڻي

 

ھڪ ئي مند ۾،

ھڪ ئي زمين ۾،

مختلف فصل گڏ پوکڻ،

ھڪ ئي فصل جون،

مختلف جنسون پوکڻ،

جديد حڪمت آھي،

جديد زراعت آھي.

زرعي ماھر چون ٿا:

ھوشياريءَ سان،

خبرداريءَ سان،

اھڙا فصل گڏ پوکيو،

ڪنھن به فصل کي،

ڪو به نقصان نه پوي.

بنا سوچ ويچار،

بنا رٿابندي،

مختلف فصل،

گڏائي پوکڻ،

ٿي سگھن ٿا،

انتھائي ھاڃيڪار!

(مٺل جسڪاڻي)

هفتو سوا گذريو هوندو. ضلعي ۽ تعلقي بدين جي، ديھه جھڳڙي جي، ڳوٺ ميوو خان جسڪاڻي فقير ۾ ويس. اتي ڪچهريون ڪندي ۽ فصل گهمندي، خبر پئي ته ھڪ اڻ پڙھيل، ننڍڙي کاتيدار، پنھنجي زمين پاڻ آباد ڪندڙ آبادگار گلشير جسڪاڻي فقير وٽ ھن وقت مکيه فصل طور ٽماٽو پوکيل آھي، جنھن ۾ ھن بصر ۽ مرچ به گڏ وھريا آھن ۽ ٻنن سان ڪٿي ڪدو ته ڪٿي ول توري به پوکي آھي. اھڙي طرح گلشير فقير ھڪ ئي مند ۾، ساڳئين زمين ۾، ھڪ ئي وقت، ڀاڄين جا پنج فصل گڏ پوکيا آھن. سندس ڀاءُ گنھور فقير ڇھه مختلف ڀاڄيون گڏ، ٽماٽن جي اھم فصل ۾ مرچ، بصر، ميھا، پيٿو ۽ گوار گڏ پوکي چڪو آهي. سندن عزيز ۽ پاڙيسري آبادگار رئيس حاجي نور محمد جسڪاڻي پپيتا اھم فصل طور پوکي، ان ۾ ٽماٽا ۽ ڇانھيون به گڏ پوکيون.

ڪجھه سال اڳ بدين جي ديھه ڳِٺو جي ڳوٺ ابراھيم جوڻيجو جي ڀر مان گذرڻ ٿيو هو. مون پاڻ اکين سان ڏٺو به هو، ڪنن سان ٻُڌو به هو، حاجي الھه ڏنو درس فقير ھڪ ئي مند ۾، ساڳئين زمين ۾، بصر ۽ ساوا ڌاڻا گڏ پوکڻ جو ڪامياب تجربو حاصل ڪيو. جڏھن ته ھن ساڳئي آبادگار گذريل سال سورج مکي، ڪڻڪ ۽ سرنھن جي ڪامياب گڏيل پوک ڪئي.

 

فصلن جي گڏيل پوک جي اھڙي عمل سان، ٿوري ايراضيءَ مان ججھو نفعو ڪمائڻ جي ڪوشش کي جديد حڪمت، جديد زراعت چئبو آھي، پر خيال رھي، مختلف فصل گڏ پوکڻ ۾ احتياط ڪرڻ بنيادي شرط آھي. جيڪڏھن احتياط نه ڪبو، ته فائدو ته ڪو نه ٿيندو، فصل پوکڻ تي ٿيندڙ محنت ۽ خرچ جو زيان ٿيڻ سان گڏوگڏ مالي نقصان به پوندو. مثال طور ولين وارا سڀ فصل جھڙوڪ ڪدو، توري، ڪريلو، پيٺو، پيٿو، ميھو وغيرہ سڀ ٻوٽن جي ساڳئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، ساڳئين مند ۾ پوکبا آھن. انھن سڀني فصلن کي ساڳئي قسم جا نقصانڪار جيت ۽ بيماريون، نقصان پھچائين ٿيون. اھڙي طرح، وونئڻ ۽ ڀينڊيون، ساڳئين مند جا فصل آھن، انھن کي نقصان رسائيندڙ جيت ۽ بيماريون به ساڳيون آھن. ان ڪري گڏ ته نه پوکجن، پر ٻنو ٻني سان به نه پوکجن.

مختلف علائقن ۾ ڪجھه آبادگار بصر، ڪڻڪ ۽ ڪمند گڏ پوکي، ساڳئين محنت ۽ خرچ مان ٽن فصلن جي اطمينان بخش پيداوار حاصل ڪندا رھيا آھن.

چاڪر شاخ چمبڙ جي آبادگار مرڪ لغاري ٻڌايو ته ”منهنجي ڪلاسي ٽماٽن ۾ کيرا ۽ مرچ به گڏ پوکيا ھئا، ساوا ڌاڻا ۽ گوار به گڏ لڳائي ھئي. مون ٽماٽن ۾ واڱڻ ۽ ڪدو گڏ ھنيا ھئا“. ھن چيو ته ”فصل گڏ پوکڻ سان فائدو پھتو. ھڪ ئي خرچ ۾ ٻه ٽي فصل پوکڻ سان فائدو ٿيـندو آهي“. ھن ٻڌايو ته ”اسان وٽ منھنجي ٻنيء جي پاسي ۾ علي غلام ڪوري آهي، جنهن ٽماٽن ۾ ڪافي ٻيا فصل به گڏ ھنيا. جنھن ڪري ٽماٽن جو اگھه نه ھجڻ جي باوجود به فائدو حاصل ڪري چڪو آهي. ھن ٽماٽن جي فصل ۾ بصر، ٽماٽن جي آخري نالين ۽ پلـن، اڏن وارن ڪنارن کان گـوار، کيرا، مرچ، ساوا ڌاڻا ۽ توريون به پوکيون. مون پنهنجي پاسي ٽماٽن ۾ بصر، واڱـڻ ۽ ڪدو ھنيا. واڱڻن ۾ مرض لڳي ٿو، جنھن ڪري وقت سر دوا جو ڦوھارو لازمي آهي“.

ڪڻڪ، ساريون، وونئڻ ۽ ڪمند ته اهم فصل آهن، پر غير اهم فصل ڪو به نه آهي. جديد زرعي حڪمت عملي موجب، جڏهن به، ڪو به فصل پوکڻو هجي، اهو اڪيلو نه پوکجي. جيڪڏهن اڪيلو ئي پوکڻ ضروري هجي، ته ان فصل جي ڪا به هڪ جنس نه پوکجي. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن فصل جي هڪ مخصوص جنس تي، ڪنهن مخصوص جيت يا بيماري جو شديد حملو ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ پوکيل صرف هڪ جنس متاثر ٿيڻ سبب گهڻو نقصان پهچڻ جو انديشو هوندو آهي. اهڙي ڳڻتي کان بچڻ لاءِ ضروري آهي، ته پوکجڻ لاءِ مُيسر ايراضيءَ موجب، زمين جي هڪ حصي ۾ هڪڙي جنس، ته ٻئي حصي ۾ ساڳئي فصل جي ڪا ٻيءَ جنس پوکڻ گهرجي. وڏي زمينداري هجي، ته ججهيون جنسون پوکي، نقصان جي خدشي کان محفوظ رهي سگهجي ٿو. ڇو ته هڪ ئي فصل جي مختلف جنسن جون مختلف خاصيتون آهن. ڪي جنسون في ايڪڙ پيداوار وڌيڪ ڏيندڙ ته هونديون آهن، پر انهن ۾ جيتن ۽ بيمارين کان بچڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي. جڏهن ته ڪجهه جنسون، في ايڪڙ پيداوار ڪجهه گهٽ لهن ٿيون، پر انهن ۾ جيتن ۽ بيمارين خلاف قوت مدافعت هوندي آهي. ڪن جنسن ۾ سوڪهڙي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ هوندي آهي.

ڪنهن به فصل يا فصل جي جنس متعلق ڪا گهڻي ڄاڻ نه هجي، ته اها نه پوکڻ ڏاهپ نه آهي، پر پهريون دفعو جيڪو به فصل يا جيڪا به نئين جنس پوکجي، اها شروعات ۾ تجرباتي طور ٿوري ايراضيءَ ۾ پوکي، ان متعلق بهتر ڄاڻ حاصل ڪري، فاعدي نقصان جو جائزو وٺي، ان کان پوءِ وڌيڪ ايراضيءَ ۾ پوک ڪجي، ته جيئن ڪنهن به ممڪن نقصان کان بچي سگهجي.

بهرحال، جديد زرعي حڪمت کان آگاهي ۽ ان تي عمل، وقت جي اهم ضرورت آهي. ان ضرورت جي پورائي لاءِ جديد زرعي حڪمت کان واقفيت ۽ مختلف جنسن جي معلومات حاصل ڪندو رهڻ گهرجي. ڏاهپ ان ۾ آهي ته امڪاني نقصان کان بچڻ ۽ هر پوک مان منافعو ڪمائڻ لاءِ، هڪڙي ئي محنت، هڪڙي ئي خرچ سان، هڪ کان وڌيڪ فصل پوکڻ جي ڪوشش ڪجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديبل يا ڀنڀور تاريخ جي نظر ۾:خدابخش بروهي

موسمي، ماحولياتي تبديلين، زلزلن، سامونڊي طوفانن قدرتي آفتن، خدائي عذابن قومن ڳوٺن ۽ واهڻن وسندين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے