21 جمعرات , فروری 2019

ڊپريشن ۾ ورتل پاڪستان جي 34 سيڪڙو آبادي:ڊاڪٽر علي مراد راهو

ڊپريشن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ تيزي سان وڌندڙ مرض آهي. هلندڙ سال ۾ ٿيل هڪ سروي جي نتيجي مطابق پاڪستان ۾ 34 سيڪڙو آبادي ڊپريشن جو شڪار آهي. جڏهن ته 5 ڪروڙ پاڪستاني عام طور تي ذهني مرض جا شڪار آهن. هن مرض جو اهم سبب ته ملڪ ۾ وڌندڙ معاشي ۽ سماجي مسئلا آهن. هتي ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هن مرض جي شڪار ماڻهن ۾ وڌندڙ بي احتياطي به آهي. چوندا آهن ته ”احتياط علاج کان بهتر آهي“ جيڪڏهن ڊپريشن جا مريض ڪجهه شين جو احتياط ڪن ۽ ڪجهه هدايتن تي عمل ڪن ته اسان کي پڪ آهي. ته هن مرض مان آساني سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اچو ته پاڻ سڀ گڏجي ان ڳالهه تي غور ڪريون. ذهني دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ انهن مختلف طريقن تي عمل ڪيو جنهن جي ذريعي اوهان هن وڌندڙ مرض ۽ پنهنجي مشڪل جو حل ڳولي سگهو ٿا.

(1). پنڌ ڪرڻ يا هلڻ: ڇا اوهان کي ڊپريشن آهي يا اهڙي ڪا ڳالهه جيڪا توهان کي پريشان ڪري ٿي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته صبح جي ٿڌي هوا جو مزو وٺڻ هرگز نه وساريو. صبح جو سوير اٿڻ جي عادت وجهو ۽ ساوڪ تي پنڌ يا ورزش ڪري ڊپريشن ۽ بي چيني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. صبح مهل ڪيل ورزش دماغ کي سڪون ۽ آرام فراهم ڪندي آهي جڏهن اوهان صبح جو سوير اٿي ڪري ورزش ڪندا آهيو. ته جسم گهڻي آڪسيجن جذب ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ نقصان ڏيندڙ هارمون گهٽ ۽ دماغ کي خوشي وارو سنگل ڏيندڙ هارمون گهڻو پيدا ٿيندو آهي. ۽ جڏهن هن سان گڏ ورزش کي به شامل ڪيو وڃي ته ان جا گهڻا سٺا اثر دير تائين رهندا آهن.

(2). ڪيفين کان پاسو ڪرڻ گهرجي: نيويارڪ ۾ رهندڙ “ڊاڪٽر ٽموٿي ليگ” جيڪو پاڻ به هڪ نفسياتي ماهر آهي پنهنجي بي چيني ۽ ڊپريشن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته زندگي ۾ مونکي به ڊ پريشن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اها حالت بي چيني ۽ گهٻراهٽ جو سبب بڻي. مون محسوس ڪيو آهي ته هي مرض ڏينهون ڏينهن مون کي ڪافي جي ويجهو ڪندو پيو وڃي. جنهن کي پيئڻ کان پوءِ بي چيني ۽ گهٻراهٽ واري حالت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو آهي. سائنس مان اهو ثابت ٿيو آهي ته نشي وارين شين ۽ دوائن جي استعمال سان انسان تڪليف ۾ پئجي وڃي ٿو انهيءَ ڪري مون ڪيفين وارين شين کان پرهيز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ مون کي پنهنجي حالت ۾ بهتري محسوس ٿي.

(3). لکڻ شروع ڪيو: ڊپريشن جا شڪار ماڻهو جڏهن کليل سمنڊ ۽ خوبصورت کان خوبصورت جڳهه تي به موجود هجن ته اهي اداسي ۽ مڪمل بي چيني جي حالت ۾ پنهنجي پاڻ سان گڏوگڏ ٻين کي سمجهڻ به انهن لاءِ مشڪل هوندو آهي. انهيءَ ڪري جڏهن به اوهان کي بيچيني محسوس ٿئي ۽ ڪجهه لفظن کي بيان ڪرڻ مشڪل لڳي ته لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو به اوهان محسوس ڪريو اهو لکندا وڃو. اهو اوهان جي جذبات ۾ موجود بي چيني کي ختم ڪرڻ جو سٺو طريقو آهي. مطالعي مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هي عمل ذهني دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي بهترين ذريعو آهي.

(4). خوشبو لڳايو: چيو وڃي ٿو ته خوشبو انسان جي پسنديده ۽ سٺي ايجاد آهي جيتوڻيڪ هيءَ ذهني بيچيني کي ختم ڪري ٿي جڏهن ڪنهن باغ يا ڪنهن پرفيوم دڪان تي وڃڻ جو ارادو ٿيندو آهي، ته اوهان محسوس ڪندا آهيو ته اهڙين جڳهين تي اچڻ سان ئي اوهان جو موڊ خوشگوار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. هن جو سبب اهو آهي ته خوشبو انسان جي مزاج کي خوشگوار بڻائي ٿي نه صرف مزاج کي خوشگوار ڪندي آهي بلڪي ڪيترين ئي جسماني تڪليفن جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي. ۽ جڏهن ڳالهه هجي ڊپريشن جي ته “ ليونڊر”  جي خوشبو دماغ کي سڪون ڏيندي آهي ۽ ان سان ننڊ اچي ويندي آهي. جيڪڏهن اوهان ڊپريشن جا شڪار آهيو ته رات جو ڪمري ۾ ليونڊر جي خوشبو جو استعمال ڪريو هيءَ خوشبو سڪون واري ننڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. هيءَ خوشبو ته نه پر سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ليونڊر آئل ذهني دٻاءُ ڊپريشن ۽ ننڊ جي گهٽتائي کي پوري ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

(5). پاڻي پيئڻ گهرجي: اسان اڪثر اهو محسوس نه ڪندا آهيون ته پاڻي جي گهٽتائي بيچيني ۽ گهٻراهٽ جي حالت ۾ اضافو ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪري جڏهن به اوهان بي چيني يا گهٻراهٽ جي حالت محسوس ڪريو ته هڪ گلاس پاڻي پيئو اوهان پاڻ ئي طبيعت ۾ بهتري محسوس ڪندا.

(6). وهنجڻ گهرجي: ڪاوڙ، ۽ پريشاني جي وقت دماغ تي ٿڌو پاڻي هارڻ سان دماغ کي سڪون ۽ آرام ملي ٿو. انهيءَ ڪري جڏهن به اوهان کي ذهني دٻاءُ محسوس ٿئي ته ڪوشش ڪري لازمي وهنجندا ڪريو. موسم جي حساب سان ٿڌي يا گرم پاڻي سان وهنجڻ ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ دماغي عضون کي پرسڪون بڻائي ٿو.

(7). هميشه سٺو کائو: اوهان اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو ته ايتري مصروفيت هجڻ باوجود به انهن کي منجهند يا رات جي کاڌي کائڻ جو وقت نه ملي سگهندو آهي. ليڪن نفسياتي ماهر ڊاڪٽر ٽموٿي ليگ جي مطابق جڏهن هو بي چيني يا گھٻراهٽ جي حالت محسوس ڪندو آهي ته هميشه ڪجهه سٺو کائيندو آهي جسم ۾ شگر جي ليول جو ڪرڻ اوهان کي گهٻراهٽ يا بيچين پڻ ڪري ٿو. ڊپريشن جي دوران ڪجهه اهڙو کائو جيڪو لذيذ هئڻ سان گڏوگڏ هضم به ٿئي.

(8). موبائيل فون بند ڪريو: موبائيل فون جو مڪمل استعمال به اوهان کي ڊپريشن ۽ پريشاني ۾رکي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪجهه دير جي لاءِ ئي سهي موبائيل فون کي لازمي بند ڪندا ڪريو ۽ ٻين سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندا ڪريو. هي سرگرميون مشغولي، ڊانسنگ، پنڌ ڪرڻ يا گپ شپ وغيره سميت ڪيتريون ئي ٿي سگهن ٿيون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد حنيف لاشاري سان ڳالهه ٻولهه :انٽرويو: جميل چانڊيو

حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے