23 بدھ , جنوری 2019

زرداري جي امڪاني گرفتاري: صنم ڀٽو ڏيهه پهچي وئي، بلاول سان ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو پاڪستان پهچي وئي آهي، جتي هن پنهنجي ڀاڻيجي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ڪراچي جي بلاول هائوس ۾ صنم ڀٽو ۽ پ پ چيئرمين وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پارٽي قيادت تي داخل ڪيسن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي صلاح مشورو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيئر اڳواڻن آصف زرداري جي گرفتاري جي صورت ۾ صنم ڀٽو کي پارٽي ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي. سينيئر اڳواڻن جي صلاح موجب آصف زرداري جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ صنم ڀٽو کي ميدان تي لاٿو ويندو. صنم ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٿيل ملاقات جي موقعي تي پ پ پنجاب جو صدر قمر زمان ڪائرا، پ پ ڪي پي جو صدر همايون خان، پ پ  بلوچستان جو علي مدد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. واضح رهي ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي امڪاني گرفتاري جي معاملي تي سندس پارٽي 20 ڊسمبر تي حڪمت عملي تيار ڪئي هئي. پيپلز پارٽي سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي ڪراچي طلب ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناميارو محقق ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو اسپتال کان گهر منتقل، طبعيت سڌرندڙ

حيدرآباد ( رپورٽر ) سنڌ جي نامياري محقق ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو کي 2 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے