22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| چمبڙ: ننڍي چونڊ ۾ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار ڪامياب

چمبڙ ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالھيار جي سيٽ  لاءِ يوسي راوت لغاري  ۾ ضمني اليڪشن جي  غير حتمي غير سرڪاري نتيجن مطابق پي پي اميدوار محمد ھاشم نونداڻي 3827 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو .

مخالف ڌر آزاد اميدوار محمدخان جلباڻي 1734 ووٽ کڻي سگهيو .

ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالھيار جي سيٽ تي يوسي راوت لغاري  ۾ ضمني اليڪشن ضلعي ڪائونسل ميمبر جي سيٽ ذوالفقار ستاربچاڻي ڇڏي ھئي، جيڪو 2018 جي عام چونڊن  ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ھو جنھنجي ڇڏيل سيٽ تي اڄ اليڪشن ڪميشن پاران ضمني چونڊ ڪرائي وئي.

پ پ پ پاران محمد ھاشم نونداڻي  آزاد اميدوار محمدخان جلباڻي وچ  ۾ مقابلو ٿيو. پ پ اميدوار ھاشم نونداڻي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن مطابق؛ 3827؛ وؤٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن  ته سامھون بيٺل آزاد اميدوار محمدخان جلباڻي  1734 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رھيو

رپورٽ -خالد حسين صديقي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳڙھي ياسين: نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل

ڳڙھي ياسين ڀرسان نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے