21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ: نواب ولي محمد:لنڊڪي مائينر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

*  نواب ولي محمد ڀرسان آبادگار لنڊڪي مائينر جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي نه پهچڻ خلاف علي آباد اسٽاپ وٽ 29 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال تي ويٺل آھن.

 آبادگارن ۽ ڪڙمين حافظ رضا محمد راهو، امام علي راھو، مٺل اوٺو، ،اياز لاشاري ،افضال احمد ، مشتاق نيازي، واجد راهو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي ميڊيا ڳالهائيندي آبادگارن ۽ ڪڙمين  چيو ته کين بک هڙتالي ڪيمپ تي دانهون ڪندي اڄ اڻٽيهون ڏينهن آھي پر انصاف ناهي ٿيو.

 هنن چيو ته اي سي ايريگيشن حيدرآباد پاران پاڻي ڏيڻ واري حڪم تي به عمل نه ٿي سگهيو آھي، لنڊڪي مائينر جي پڇڙي جا آبادگار پاڻي نه هجڻ سبب پنهنجون زمينون آباد نه ٿا ڪري سگهن.

   هنن چيو ته آبپاشي عملدارن سندن حصي جو پاڻي پئسن عيوض وڪري ڪري کين ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي جنهن ڪري هو  بکون ڪاٽڻ تي مجبورآھن.

هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لنڊڪي مائينر جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي پهچائي کين غربت واري زندگي مان ڪڍيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو .

ٻئي طرف آبپاشي انجنيئر روهڙي ڊويزن خوشي محمد شيخ سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ڪير به پئسن عيوض پاڻي نه پيو کپائي، سنڌو درياء مان نڪرندڙ مين ڪينال روهڙي ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ ھئي،جنهن ڪري پنجن ڏينهن کان لنڊڪي مائينر جي سپورٽ چينل قائم ڪور شاخ بند هئي،جنهن ۾ اڄ پاڻي ڇڏيو ويو آھي.

 هن چيو ته ،شام تائين آبادگارن کي پاڻي ملي ويندو،هن چيو ته قائم ڪور شاخ ۽ لنڊڪي مائينر ۾ لڳل نوليون ڪڍرائي ڇڏيون آھن،باقي جيڪڏھن ڪي ٻيون به نوليون هونديون ته  اهي به 5 جنوري تائين ڪڍيون وينديون…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے