22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:رتوديرو: مقتول جي وراثن جو پوليس خلاف احتجاج

*گذريل ڏينھن ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل برڪت ويسر جي وارثن ۽ ويسر برادري طرفان قتل جي ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي ۽ ڀتاخوري جا قلم نه لڳائڻ تي رتوديرو پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو .

  ان موقعي تي مقتول جي چاچن الياس ويسر، شاھنواز ويسر ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سندن  ڀائيٽي کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي .

 هنن چيو ته گلزار عمراڻي، عنايت عمراڻي ، محمد علي عمراڻي، سھڻو عمراڻي ، علڻ عمراڻي هنن کان  پنج لک روپيا ڀتو گھريو ھيو نه ڏيڻ تي ھٿياربند ساڻ ڪري اسان جي بئڪري تي حملو ڪرايو ۽ فائرنگ ڪري اسان جي ڀائيٽي برڪت ويسر کي قتل ڪيو.

 هنن چيو ته   پوليس ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي ۽ ڀتي خوري جا قلم نٿي لڳائي نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ھنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش کي انصاف جي اپيل ڪندي چيو آھي ته اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو واڌائينداسين. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل عنايت عمراڻي ۽ گلزار عمراڻي  ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀتاخوري وارو الزام ڪوڙو آھي اسان کي بيگناھ برڪت ويسر جي قتل ۾ ڦاسايو پيو وڃي.

هنن چيو ته  ڪجھ عرصو اڳ اسان جي پئيٽرول پمپ تي ڪم ڪندڙ علي حسن عمراڻي کي ويسرن بيگناھ قتل ڪيو ھو. جنھن جي پلاند ۾ علي حسن عمراڻي جي  پلاند ۾ نظير عمراڻي برڪت ويسر کي قتل ڪيو آھي برڪت ويسر جي قتل سان سندن  واسطو ناھي……….

طفيل ساريو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے