22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| چوهڙ جمالي: ڳوٺاڻن پاران پل جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

*چوهڙ جمالي ويجهو  روڊ موري جي پل جي مرمت جو ڪم اڌ ۾  رڪجي وڃڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪري پل جي مرمت جو ڪم ٻيهر شروع  ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

چوهڙ جمالي ويجهو   روڊ موري جي آرڊي 164 تي قائم پل جي مرمت جو ڪم ڪيترن ڏينهن کان رڪجي وڃڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن بابو اوٺو، پپو جمالي، جمعون خان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊ موري کان ڪيٽي کوسا ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته دڙو بئراج جي آر ڊي 164 تي قائم روڊ  موري پل ڪافي وقت کان انتهائي خطرناڪ حالت ۾ آھي پل هيٺانهين کان کاڌ ھڻي رهي آھي جيڪا ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي جيڪڏھن پل ڊھي ڪري پئي ته وڏو   نقصان ٿي سگهي ٿو .

هنن ٻڌايو ته 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شھر سان زميني رابطو ڪٽجڻ جو انديشو آھي پل جي مرمت جو ڪم  ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي  گم  ٿي ويو آھي.

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته روڊ موري پل جي مرمت جو ڪم ٻيهر شروع  ڪري ڳوٺاڻن کي سهولت ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ ايريگيشن عملي جي نااهلي خلاف سخت احتجاج  ڪيو ويندو

رپورٽ –ناشاد ملاح

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پٿورو: آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن جو احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے