16 اتوار , دسمبر 2018

عمرڪوٽ ۾ گرفتارين ۽ ڪاروبار بند ڪرائڻ تان ڇڪتاڻ : احتجاج

عمرڪوٽ ۾ دڪاندارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ دڪان زوري بند ڪرائڻ واري مسئلي تي پي ٽي آئي جي ڪائونسلر ليکراج مالھي ۽ انتظاميا ۾جھڙپون ٿيڻ بعد ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي ۽ احتجاج طور ڪيترائي دڪان بند ٿي ويا ليکراج مالھي جي اڳواڻي ۾ شهرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتا. جتي پريس ڪانفرنس ڪندي ليکراج مالھي چيو ته عمرڪوٽ ۾ مختيارڪار ۽ پوليس انتظاميا طالبان وارو قانون مڙھي زوري دڪان بند ڪرائڻ ۽ ڏنڍ وجھڻ شروع ڪيو آھي. دڪاندارن کي بنان سبب گرفتار ڪيو ويو آھي اسان وٽ ثبوت آھن ته چانھه جي پتي جو ھولسيل ڪاروبارڪندڙ دڪاندار تي به ڏنڍ وڌو ويو آھي عمرڪوٽ جي شھرين ۾ خوف پکيڙي امن خراب ڪيو پيو وڃي. اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين جڏھن ته دڪاندارن ۽ پوليس ۽ انتظاميہ ۾ ڇڪتاڻ سبب سڄو ڏينھن خوف پکڙيل رھيو ٻئي طرف پوليس جو چوڻ ھو ته صرف رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪان بند ڪرايا ويا آھن.
رپورٽ : الياس ٿري

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے