21 بدھ , نومبر 2018

ميرپورخاص ۾ انساني زندگين سان کيڏندڙ کٽاڻ جا واپاري

ميرپورخاص جي والڪرٽ ٽائون ۾ صحت لاءِ خطرناڪ کٽاڻ تيار ڪري ماڻهن کي کارائي پئي وڃي شهر ۾ انبن ، گجرن ۽ ليمن، سميت مختلف شين مان کٽاڻ ڪيئين تيار ٿيندو آهي ۽ ڪين عوام جي اڳيان صاف سٿرين بالٽين م پيڪ ٿي ايندو آهي ان جو اندازو اوهان هن وڊيو مان لڳائي سگهو ٿا. ميرپورخاص جي والڪرٽ ٽائون جي فئڪٽري چوڌري مشتاق جي آهي هتي تيار ٿيندڙ کٽاڻ نه صرف ميرپورخاص پر پوري سنڌ ۾ ٽرڪن وسيلي فراهم ڪيو ويندو آهي. معلوم ٿيو آهي ته هن فئڪٽري مان پوليس کان علاوه ڪجهه صحافين جو کيسو پڻ گرم ٿيندو آهي. جنهن ڪري هي معاملو ميڊيا تي رپورٽ نه ٿيندو آهي. ميرپورخاص ۾ اهڙي قسم جي اها هڪ فئڪٽري نه پر مختلف علائقن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کٽاڻ جون ٻيون به ڪيتريون ئي فئڪٽريون آهن جيڪي مختلف نالن سان کٽاڻ تيار ڪنديون آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ عوام کي زهر کارائيندڙ انهن کٽاڻ مافيائن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
رپورٽ : هاشم شر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: کپري: جشن ميلاد النبي صه جو ڏهاڙو عقيدت سان ملهايو ويو

کپري ۾ مذهبي پارٽين پاران جشن ميلاد النبي جي ولادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے