14 بدھ , نومبر 2018

ميرپورخاص ۾ مهانگائي

جو راڄ يوٽيلٽي اسٽورن تي به اگهه وڌيل رمضان جو ٻيو اشرو شروي ٿي ويو آهي پر ميرپورخاص شهر سميت سموري ضلعي ۾ مهنگائي جو جن انتظاميان پاران قابو ٿي نه سگهيو آهي . عام مارڪيٽ ۽ يوٽيليٽي اسٽورن تي دال چانور، اٽي، کنڊ ، پتي صابڻ ۽ صَرف سميت روزا مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جون قيمتون هڪجهڙيون هجڻ ڪري عام ماڻهو يوٽيلٽي اسٽور بدران مارڪيٽ مان شيون خريد ڪري رهيا آهن. رمضان کان پهرين مارڪيٽ ۾ چڻن جي دال 120 روپيه في ڪلو هي جنهن کي وڏائي 160 روپيا ڪلو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح صوف 200 روپيا ڪلو، پپيتو 150 روپيا ڪلو، ڪيلا 80رپيا درجن، هنداڻا 50 روپيا ڪلو، تربوزو 60روپيا ڪلو ، کير 80 روپيا ليٽر، دهي، چانور، مرچ مصالو، سائيون ڀاڄيون، ڪڪڙ، ٻاڪرو ۽ وڏو گوشت مهانگا ٿي ويا آهن،
رپورٽ : هاشم شر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳاڙهو: چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ڳاڙهي ۾ گهارو ٽائون ڪميٽي چيرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے