19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ| ڪورنگي: بلاول ڪالوني جو مقتول بلال ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

 ڪورنگي جي  بلاول ڪالوني گلشن حضرت بلال اسٽي سيڪٽر نمبر  C / 9 ڪورنگي مل ايريا ڪراچي جو رھواسي بلال ڀٽو جي قتل کي 10 ڏينھن گذرڻ باوجود وارثن کي انصاف نه مليو آهي ، وارثن احتجاج ڪيو .

مقتول جي  وارثن عوامي آواز سان ڳالھائيندي بلال ڀٽو جي والد اياز علي ڀٽو ۽ سندس امڙ چيو ته ھن جي 16 سالن جي پٽ بلال کي بيگناھ ڦاهو ڏئي قتل ڪيو  هو .

ھنن وڌيڪ چيو ته22 ڊسمبر تي  شام جو سندس پٽ کي قتل ڪري آپگهات جا افواهه  ڪيا ، جڏهن ته آيف آر حد ٿاڻي عوامي ڪالوني ۾ ڪاٽي  وئي آھي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ٿتي ڪري.

پوليس چئن مان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کي به ڇڏڻ وارا آهن.

بلال جي امڙ چيو ته  چيف جسٽس ، وزير اعلي سنڌ ، آي جي سنڌ ,  ڊي آي جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کان مطالبو ڪيو ته سندس  پٽ جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي ،

رپورٽ -اي بي سومرو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے