13 منگل , نومبر 2018

پرڏيهي کاتي جي وائڙائپ، ڪوڙين افواهن تي عبدالستار ايڌي جي تعزيت ڪري ڇڏي

341643_85046943اسلام آباد(ع آ نيوز) ملڪ ۾ روز نيون افواهون گردش ڪنديون رهنديون آهن پر هر افواهه تي بنا تحقيق جي ڪن ڌري ان تي رد عمل ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن بي عزتي جو سبب بڻجي ويندو آهي. اهڙو ئي واقعو ملڪ جي پرڏيهي کاتي سان پيش آيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سوشل ميڊيا تي ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي فوت ٿيڻ جا افواهه هلي رهيا هئا، جنهن تي پرڏيهي کاتي فوري رد عمل ڏيندي عبدالستار ايڌي جي پونئرن سان تعزيت جو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ليٽر پيڊ تي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ عبدالستار ايڌي جي فوت ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي وائڙائپ ۽ بي خبري جون خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ کاتي پاران تعزيتي بيان واپس ورتو ويو. جڏهن ته پرڏيهي ترجمان عبدالستار ايڌي جي فوت ٿيڻ واري خبر تي تڪڙ ۾ تعزيت جو پيغام جاري ڪرڻ تي معافي پڻ ورتي. واضح رهي ته ناليوارو سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي بيمار آهي ۽ سندس علاج هلندڙ آهي پر ڪجھه ماڻهو سوشل ميڊيا تي سندس باري ۾ ڪوڙيون خبرون هلائي رهيا آهن.37

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے