22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ :حيدرآباد: باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان  ۽ نينگري فوت ، جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي

حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي علائقي راهوڪي جي ڳوٺ ڇٽو ميربحر ۾ باهه سبب زخمي ٿيل نينگري ۽ نوجوان  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا .

4 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڇٽو ميربحر ۾ گهر جي رڌڻي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عرس ميربحر، ثناءُ الله ميربحر، عائشه ميربحر ۽ ابشا ميربحر سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

سڙي زخمي ٿيل نواب علي جي نياڻي عائشه 2 ڏينهن اڳ فوت ٿي وئي هئي

نديم ملاح جو نوجوان پٽ ثناءُ الله ۽ نواب علي جي هڪ ٻي نياڻي ابشاءِ  ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

فوتي ثناءُ الله ۽ ابشاءِ جا مڙهه ڪراچي کان سندن اباڻي ڳوٺ ڇٽو ميربحر آندا ويا.

هڪ ئي وقت ڳوٺ ۾ ٻه مڙهه پهچڻ تي علائقي جو ماحول سوڳواا ٿي ويو

فوتين جي جنازي نماز ۾ ادا ڪرڻ کانپوءِ مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

جنازي نماز ۾ پ پ اڳواڻ ميير شير محمد ٽالپر، شاهد عباسي، لطيف ملاح، مير عبدالشڪور ملاح ۽ شوڪت ملاح سميت علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے