19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ :ڪورنگي: ايس اين پي اڳواڻ  رمضان بليدي،سائين بخش بنگلاڻي، جنسار مسڻ ۽ امتياز پھوڙ جي سالگرھ ملھائي وئي

 ڪورنگي مھراڻ ٽائون بنگلاڻي ھائوس ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائس چيئرمين رمضان بليدي وائس چيئرمين سائين بخش بنگلاڻي ايس اين پي ڪورنگي اڳواڻ جنسار مسڻ امتياز پھوڙ جي سالگرھ ملھائي وئي ان موقعي تي سالگرھ جا ڪيڪ ڪٽيو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي ايس اين پي جي سيئنر وائس چيئرمين رمضان بليدي چيو ته 2019 جو سال سنڌ جي حقن جي جدوجھد جو سال ڪري ملھايو ويندو اسان سنڌ نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن کي آگاھ ٿا ڪيون ته جلد جدوجھد جي شروعات ڪنداسين ڪارڪن تيار رھن ،  ايس اين پي جي وائس چيئرمين سائين بخش بنگلاڻي چيو ته سالن تي سال گذرئي رھيا آھن پر افسوس سنڌ ڌرتي تان تڪليفن جو سج اڃا نه لٿو آھي ان ۾ ڇو نه مسنگ پرسن ھجن يا سنڌ ۾ بي روزگاري ھجي يا پاڻي جو اشو ھجي يا ڌاري آبادڪاري ھجي سنڌ ھميشه مسئلن جو شڪار رھي آھي ھن وڌيڪ چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته 2019 جو سال سنڌ جي خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو ان موقعي تي ايس اين پي جي سيئنر اڳواڻن طارق خاصخيلي ، منظور جانوري بشير بروھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے