23 بدھ , جنوری 2019

سنڌ حڪومت صوبي ۾ 10 هزار گهر اڏڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ 10 هزار گهرن جي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ 10 هزار گهر ڪڻن ذريعي مفت ڏنا ڏيندا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 10 هزار گهر ڏنا ويندا. بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار نواب وساڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بينظير هائوسنگ سيل جي منصوبن تي خوشي جو اظهار ڪيو. سنڌ حڪومت تحت لاڙڪاڻي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ هائوسنگ منصوبن جي شروعات ڪئي ويندي. خيرپور ۾ گهٽ پگهار وارن کي 2 هزار پلاٽ ڏنا ويندا. ڪراچي ۾ بينظير فليٽ پراجيڪٽ ۽ مفت پلاٽ اسڪيم شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. پ پ چيئرمين بينظير هائوسنگ سيل جي افتتاح جي دعوت قبولي ورتي آهي. بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبائي وزيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، هن نواب وساڻ کي ترقياتي اسڪيمون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Approval of growth in the rise of Nepra Electric

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے