19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ :ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿر بابت اهم اجلاس

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي جنهن جو فائدو ٿر واسين کي پهچي رهيو آهي.

وزيراعلي هائوس ۾ ٿر جي هاڻوڪي صورتحال جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو  جنهن  ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ،توانائي واري وزير امتياز شيخ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري، توانائي واري سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي

وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو جا متاثر ماڊل وليج سنهري درس منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته نئين سال ۾ ٿر جي 48 ٻارن ماڊل اسڪول ۾ داخلا ورتي آهي جيڪا مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

مراد علي شاهه چيو ته انشاءَالله فيبروري ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ بجلي پيدا ڪندا

هن چيو ته ٿر ۾ فيز ون ۾ 246927 خاندانن جڏهن ته فيز ٽو ۾ 248804 خاندانن ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي

وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ مائرن ۽ سندن ٻارن لاءِ فيملي راشن بيگ پڻ ورهايا ويا آهن .

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته فيملي پلاننگ پاران سال 2018ع ۾ آگاهي مهم به هلائي وئي آهي

اجلاس ۾ عوام جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے