18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ :بدين: بيواهه عورت جو مڙس جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

*بدين ۾ بيوهه عورت دانهيو آهي ته سندس مڙس کي بيگناهه قتل ڪندڙ جوابدار کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته  اڍائي سال اڳ ڄامشورو ٿاڻي جي حد کاڻوٺ ڀر سان سندس مڙس پورھيت سائين بخش گوپانگ ۽ سندس ڀائيٽي مولابخش گوپانگ  کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدارن مان کاڻوٺ پوليس رڳو  ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سگھي آهي  باقي جوابدار روپوش آهن،

ھن چيو ته جوابدارن خلاف کاڻوٺ پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري روپوش جوابدارن صدام ڪوريجو،  امام بخش ڪوريجو ، پوڙھو ڪوريجو۽ نواب ڪوريجو ڪيس  تان  ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي  رھيا آھن .

بيوھ عورت قتل جي خوف کان  پنھنجي ٽن صغير ٻارن سميت بدين اچي ڪکاوائون جهوپڙي ٺاھي پناھ ورتي آھي

بشيران روئندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے