18 جمعہ , جنوری 2019

ڪروڙين ووٽ چوري ڪرڻ وارن جو حساب ڪڏهن ٿيندو؟: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتساب جي نالي تي اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ويڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي آءِ ٽي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ليڪ ڪئي وئي، حڪومت عوام جي اميدن تي پوري نه لهي سگهي، هنن ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ئي ناهي، حڪمران الزام هڻي نظام هلائي رهيا آهن. هن چيو ته هڪ وزيراعظم کي احتساب جي نالي تي ڪڍيو ويو، ڪروڙين ووٽ چوري ڪرڻ وارن جو حساب ڪڏهن ٿيندو؟ پ پ کي ڪرپشن ۽ ان خلاف جاري ڪاررواين تي ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪوڙن اڪائونٽن بابت جي آءِ ٽي کي فيصلو سمجهيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ بنا گهرائي قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه جا نالا شامل ڪيا ويا، بينظير ڀٽو جي 11هين ورسي جي موقعي تي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، جي آءِ ٽي جي بنياد تي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن. بلاول چيو ته پ پ سدائين وفاق جي سياست ڪئي ۽ وفاق کي گڏ رکڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ارڙهين ترميم تي سرعام حملا ڪيا پيا وڃن، اڄ آئين جي بالادستي ۽ انساني حقن تي ڳالهائيندڙن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، جيڪو ظلم خلاف آواز اٿاري سڀ کان وڌيڪ محب وطن پاڪستاني آهي، ان جو آواز ٻڌڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته هي ملڪ صرف ۽ صرف ذوالفقار جي آئين موجب هلندو، ڪو به اڻ چونڊيل شخص ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور آئين کي ختم نٿو ڪري سگهي، پ پ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے