22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:ڪنڊيارو:موٽر وي پوليس پاران تيز رفتاري کي روڪڻ لاءِ ٽائيم سلپ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع

ڪنڊيارو موٽر وي پوليس پاران تيز رفتاري کي روڪڻ لاءِ بس ڊرائيورن کي ٽائيم سلپ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي۔

موٽروي پوليس ايڊمن عبدالرشيد سهتو جي چوڻ  آهي ته  هرٽول پلازا تي بس ڊرائيورن کان ٽائيم سلپ چيڪ ڪئي ويندي۔

موٽروي پوليس ڪنڊيارو پاران آئي جي موٽروي پوليس اي ڊي خواجه جي خاص ھدايتن  بعد ٽائيم مينيجمنٽ جي سلسلي ۾ ٽول پلازا وٽ بس ڊرائيورن کي روڪي انهن کي ٽائيم سلپ ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي۔

ٽائيم سلپ موجب بس ڊرائيورن کي هڪ ٽول پلازه کان ٻئي ٽول پلازه تائين پهچڻ جو ٽائيم لکي ڏنو ويو آهي جنهن کي ٽول پلازه وٽ موٽروي پوليس جا آفيسر چيڪ ڪندا رهندا۔،جيڪڏهن گاڏي مقرر وقت کان پهريان ٽول پلازهه وٽ پهتي ته انهن مٿان ڏنڊ وڌو ويندو۔

ان موقعي تي ايڊمن موٽروي پوليس عبدالرشيد سهتو صحافين کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٽائيم سلپ شروع ڪرڻ سان تيز رفتاري ۽ روڊ حادثن ۾  ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪوٽڙي: ماهرن ٽائفائڊ کي وڏي انساني المئي ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

*ڄامشورو جي  مھراڻ يونيورسڻي ۾   ڊاڪٽرن، ماحولياتي ماهرن ۽  محققن حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيل ٽائفائڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے