22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:سينيئرن صحافين خالد کوکر ۽ زاهد کوکر جو والد مٽي ماءُ حوالي، مختلف شخصيتن پاران تعزيت

سنڌ جي ناليواري صحافي خالد کوکر ۽ سينيئر صحافي  جي والد  کي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر، سينيئر اينڪرپرسن زاهد کوکر، صحافي راشد کوکر جي والد ۽ ڀان سيدآباد جي صحافي مظفر کوکر جي سهري مرحوم محمد عيسيٰ کوکر جي جنازي نماز ڳوٺ باداڻي ۾ ادا ڪئي وئي.

جنازي نمازي ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صدر جئه پرڪاش، لالا رحمان سمون، رئوف چانڊيو، ناز سهتو، اشوڪ ڪمار، زاهد ڪلهوڙو،پريس ڪلب ڀان سيدآباد جو صدر ذوالفقار مينگل.آدم علي مينگل.رخالد چنا.محمد صفر خشڪ.پ پ تعلقي سيوهڻ جي صدر امان الله شاهاڻي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، سماجي اڳواڻ موندر خان ٻرڙو، سردار آفتاب احمد کوکر، آصف علي ميمڻ، سيوهڻ پريس ڪلب جي صدر ڪي ڪي بڙدي، حيدرآباد جي صحافي ظفر هڪڙو، علي مراد چانڊيو سميت سوين معززين، علائقي واسين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد مرحوم محمد عيسيٰ کوکر جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن سينيئر صحافي خالد کوکر، زاهد کوکر، راشد کوکر ۽ مظفر کوکر سان  ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ مير مولابخش لغاري، ميهڙ جي صحافي جاويد سومرو، اڪبر پنهور، حيدرآباد جي صحافي خالد چانڊيو، خان بهادر جمالي، پريس ڪلب ڀان جي صدر ذوالفقار علي مينگل، نائب صدر آدم علي مينگل، خالد چنا، اڪرم ميمڻ سميت ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.

ڳوٺ باداڻي ۾ نامياري صحافي خالد کوکر، زاهد کوکر، راشد کوکر ۽ مظفر کوکر سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي۔

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے