18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ:شادي لارج : پوليس چڙهائي ۽ ڀڃ ڊاهه  جو اختيارين نوٽيس نه ورتو، شهرين جو مظاهرو

شادي لارج ۾ پوليس چڙهائي ۽ ڀڃ ڊاهه  جو اختيارين نوٽيس نه ورتوم، شهرين  پوليس جي ڏاڍاين  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

شادي لارج ۾ گذريل ڏينهن شادي لارج ۽ کوسڪي پوليس جي بلاجواز دڪانن ۽ اسپتالن تي چڙاهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري واقعي جو اختيارين نوٽيس نه ورتو واقعي خلاف شهرين ڊاڪٽر گل حسن لنڊ محمد عمر لنڊ عبدالرزاق جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو .

مظاهري خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اي ايس آئي ديدار سمون پوليس اهلڪار سيف الرحمن ۽ ٻيا بغير ڪنهن سبب جي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ڌمڪيون ڏيئڻ روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي .

هنن چيو ته پوليس بغير ڪنهن ڏوه جي سندن دڪانن ۽ اسپتال ۾ خڀڃ ڊاهه ڪري  کين حراسا ڪيو آهي.

هنن وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين ۽ وس وارن کان فوري واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے