18 جمعہ , جنوری 2019

ابوظهبي:  شاگرد کي انسٽاگرام تي تڪراري ويڊيو شيئر ڪرڻ تي قيد ۽ 5 لک درهم ڏنڊ

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب امارتن ۾ انسٽاگرام تي مزاحيا ويڊيو شيئر ڪندڙ شخص کي 5سال قيد ۽ 5 لک درهم ڏنڊ جي سزا ٻڌئي ڇڏي. پرڏيهي خبرو اداري موجب گڏيل عرب رياستن ۾ انسٽاگرام تي مزاحيا ويڊيو شيئر ڪندڙ يونيورسٽي جي شاگرد کي 5 سال قيد ۽ لک درهم ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پراسيڪيوٽر جنرل جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شاگرد انسٽاگرام تي شاگردن کي استادن خلاف تشدد تي ڀڙڪايو جنهن نوٽيس وٺندي پوليس شاگرد کي گرفتار ڪيو هو.  جوابدار عدالت ۾ الزامن کي رد ڪندي چيو ته منهنجي ويڊيو جو مقصد تشدد تي ڀڙڪائڻ نه هو مان استادن ۽ نه ئي ڪنهن شعبي خلاف منفي جذبا رکان ٿو.  جوابدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي ويڊيو ۾ منهنجن همعصرن وچ ۾ معمولي جهيڙن ۾ سور ۽ تڪليف کان بچڻ لاءِ مخصوص طريقن کي مزاحيا طور تي بيان ڪيو ويو هو.  انسٽاگرام تڪراري ويڊيو شيئر ڪرڻ تي سزا ملڻ بعد شاگرد جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے