19 ہفتہ , جنوری 2019

جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ ذهين ڪيمرا تيار

ڪيلفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سموري دنيا ۾ جانورن جي اسمگلر ۽ شڪار وڏي چالاڪي سان ڪم ڪندا آهن ۽ مٿن نظر رکڻ وڏو مشڪل ڪم هوندو آهي پر هاڻ ان جي حل لاءِ انٽيل ذهانت سان ڀرپور هڪ ڪيمرا تيار ڪئي آهي جنهن جي مدد سان جهنگلي جيوت جو تحفظ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. ناياب ۽ تيزي سان ختم ٿيندڙ جانورن جي تحفظ لاءِ  انٽيل جي چپ تي ٻڌل ڪيمرا مصنوعي ذهانت ( آرٽيفشل انٽليجنس ) يا اي آءِ کي استعمال ڪندي جهنگلي جيوت جي دشمنن جي سڃاڻپ ڪندي آهي.  ان سسٽم کي ٽريل گارڊ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي آفريڪا جي جهنگلي تحفظ وارن علائقن ۾ لڳايو ويو آهي. ان جو پهريون ورزن ڪنهن حرڪت کي نوٽ ڪري جهنگلي جيوت جي چوڪيدار يا گيم وارڊن کي اطلاع ڏيندو هو پر ان ۾ ڪيئي خاميون هيون ڇاڪاڻ ته ڪنهن شڪاري جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪنهن ماهر کي پوري ويڊيو ڏسڻ جي ضروت پيش ايندي هئي ۽ ڪڏهن ڏوهاري ڪو معصوم جانور به هوندو هو . جنهن بعد ڊرون جو استعمال به ڪيو ويو پر ان ۾ ڪافي مسئلا پيش آيا هئا. هاڻ پينسل نما ڪيمرا کي جهنگ ۽ وڻن ۾ لڪائي سگهجي ٿو، جيڪا پاڻمردو حرڪت ۽ چرپر کي نوٽ ڪندي آهي.  ان ۾ مودي ڊيئس چپ لڳائڻ کانپوءِ اها ڊيپ نيورل نيٽورڪ سان جڙي وئي آهي ۽ ائين هاڻ گاڏين ۽ انسانن کي تمام سٺي نموني سڃاڻي سگهجي ٿو. اهڙي طرح غلط رپورٽنگ جو امڪان ڪافي حد تائين گهٽ ٿي ويو آهي.  انقلابي چپ ڊيٽا هينڊنگ ۽ پروسيسنگ جو سڄو ڪم ڪندي آهي ۽ هڪ ڀيرو لڳڻ کانپوءِ ڏيڍ سال تائين پنهنجي عقابي نظرن سان جهنگلي جيوت جي ڦورن کي ڏسندي رهندي آهي. ان چپ جي تياري ۽ لڳڻ کانپوءِ آزمائش ۾ به انٽيل جا ماهر شامل هئا ۽ انهن ان جون خاميون ختم ڪري ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن معصوم جانورن کي بچائي سگهجي. سال 2019ع جي پڄاڻي تائين آفريڪا ۾ 100 ٻيلن ۽ تحفظ گاهن ۾ اها ڪيمرائون لڳايون وينديون ته جيئن جهنگلي جيوت جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے