18 جمعہ , جنوری 2019

نيويارڪ ۾ نئين سال جو جشن ملهائڻ کانپوءِ عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي گڏ ممبئي واپسي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور 2019ع جو جشن ملهائڻ نيويارڪ گڏ ملهايو ۽ هاڻ ٻئي گڏ ممبئي واپسي ڪئي آهي. عاليا ڀٽ رنبير سان گڏ نيويارڪ جو سير ڪيو جتي هن رنبير ۽ سندس خاندان سان گڏ نئين سال کي ڀليڪار چيو. نيويارڪ ۾ رنبير ڪپور جو خاندان گذريل ٽن مهينن کان موجود آهي جتي سندس والد ۽ ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور علاج هيٺ آهي. ان دوران عاليا ڀٽ رنبير ڪپور جي ڪٽنب سان گڏ تمام گهڻو انجواءِ ڪيو ۽ نئين سال جي خوشي ملهائيندي ڪيئي تصويرون پڻ ڪڍرايون جيڪي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪيون ويون. نئين سال جي موقعي تي نيتو سنگهه خاندان جي تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته سال 2019ع سڀني کي مبارڪ هجي هن سال ڪو به واعدو نه رڳو دعائون آهن. عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪالهه گڏ ممبئي ايئرپورٽ پهتا. ممبئي ايئرپورٽ تي ڀارتي ميڊيا ٻنهي اداڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻنهي صحافين سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ۽ گاڏي ڏانهن وڌي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرينا ڪپور منهنجي رول ماڊل آهي: ڪرشما ڪپور  

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ماضي جي ڪامياب اداڪارا ڪرشما ڪپور چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے