18 جمعہ , جنوری 2019

ايتري لانائق ۽ نااهل حڪومت سڄي زندگي ۾ ناهي ڏٺي: پ پ چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان ايتري نالائق ۽ نااهل حڪومت سڄي زندگي ۾ ناهي ڏٺي، جيڪا ڪو به ڪم نٿي ڪري. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب حڪومت جي دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي رهيو آهي پر سموري اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيندي، اسان گرينڊ الائنس ڏانهن ته ناهيون وڃي رهيا پر ايشوز جي سياست ڪري رهيا آهيون. هن چيو خاص طاقتن جي ڪوشش آهي ته پيپلز پارٽي کي بدنام ڪيو وڃي، جعلي سياسي جي آءِ ٽي ۾ آصف زرداري کي نشانو بڻايو ويو ۽ مٿس ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، آصف زرداري جيڪو موقف ڏنو اهو شامل ئي ناهي، اسان نظرياتي سياستدا آهيون، ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، آصف زرداري کي اڳ به بنا ڏوهه 11 سال جيل ۾ رکيو ويو. سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين تي سوديبازي نه ڪنداسين، حڪومت تجربي ڪار ناهي، نه وفاق ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پنجاب هلائي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے