19 ہفتہ , جنوری 2019

ذهني دٻاءَ مان ڇوٽڪاري ۽ خوشي ماڻڻ جو سولو نسخو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄڪلهه جي دور ۾ هر شخص ذهني دٻاءُ جو شڪار ۽ خوشي جي ڳولا ۾ آهي. ماهرن فوري طور تي ذهني دٻاءُ مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ خوشي ماڻڻ جو نهايت انوکو طريقو ٻڌايو آهي.  ماهرن جو مشورو آهي ته جيڪڏهن اوهان ذهني دٻاءُ مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته چاڪليٽ کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻايو. هڪ ڊگهي عرصي کان سائنسي ۽ طبي ماهرن طرفان پيش ڪيل نئين نئين تحقيقن ثابت ڪيو آهي ته چاڪليٽ کائڻ انساني صحت لاءِ نقصانڪار ناهي پر دماغي توڙي جسماني صحت لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. تازو ئي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي لوما لنڊا يونيورسٽي ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب چاڪليٽ ۾ ملندڙ ڪوڪو دماغ کي پرسڪون ڪري ان ۾ خوشي جي لهر پيدا ڪندا آهن. ماهرن موجب اهو چاڪليٽ ۾ موجود فليونائيڊز ڪندا آهن. چاڪليٽ جا اهي فائدا اسان ڪنهن عام چاڪليٽ بار مان به حاصل ڪري سگهو ٿا. ڄاڻايل تحقيق لاءِ ڊگهي عرصي تائين ڪيئي هزار ماڻهن جي غذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو. ماهرن نوٽ ڪيو ته جيڪي ماڻهو چاڪليٽ گهڻو کائيندا آهن انهن ۾ ذهني دٻاءُ جي شرح ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئي جڏهن ته هو ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوش هئا. تحقيق ۾ شامل هڪ پروفيسر ڊاڪٽر لي جو چوڻ آهي ته چاڪليٽ  ۾ موجود مٺاڻ اسان لاءِ تمام گهني فائديمند آهي ۽ جيترو گهڻو چاڪليٽ کائينداسين ايترو کي وڌيڪ خوش رهنداسين. ته پوءِ ڇا ارادو آهي اوهان جو؟ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو طريقو ڪو گهڻو مهانگو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے