19 ہفتہ , جنوری 2019

سيلفي ذريعي ٿري ڊي پرنٽڊ ماسڪ تيار

Johnson &Johnson Launch 3D Printed Neutrogena MaskiD Face Maskنيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) عورتن جي ميڪ اپ ۾ فيس ماسڪ کي غيرمعمولي حيثيت حاصل آهي ۽ جلد کي ڏسندي بنهه اهڙي مناسبت سان فيس ماسڪ تيار ڪيو ويندو آهي. هاڻ هڪ ڪمپني سيلفي ذريعي ٿري ڊي فيس ماسڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ميڪ اپ ۽ چهري لاءِ طبي شيون ٺاهيندڙ ڪمپني نيوٽروجينا ماسڪ ۽ آءِ ڊي نالي هڪ نظام بڻايو آهي. اهو سسٽم پهريان هڪ سيلفي ذريعي اوهان جي جلد ۽ خدوخال جو جائزو وٺندو آهي ۽ وري ٿري ڊي پرنٽر مان گهربل فيس ماسڪ تيار ڪري ڏيندو آهي جيڪو بنهه واهپيدار جي ضرورت موجب هوندو آهي. سيلفي جي مدد سان پهريان چهري جو مڪمل نقشو بڻايو ويندو آهي جنهن ۾ نڪ ۽ ٻين خدوخال جي پيمائش ڪئي ويندي آهي. اڳلي مرحلي ۾ نيوٽروجينا جي اسڪن 360 سسٽم کي استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪيمرا جي اڳيان هڪ اوزار لڳل هوندو آهي جيڪو ايپ ذريعي ڪم ڪندو آهي. اهو نظام جلد جي رنگت، گهم، ڪيفيت، اکين جي آس پاس حلقن ۽ جهرين کي به نوٽ ڪندو آهي. ان کانپوءِ چهري جي نقشو ۽ اسڪن 360 جي مڪمل ڊيٽا هڪ سرور تي موڪلي ويندي آهي جيڪا هڪ ٿري ڊي پرنٽر ۾ ويندي آهي. پرنٽر جي ماسڪ شيٽ تي اڳواٽ ئي هائڊروجن موجود هوندا آهن. جن  ۾ ڳاڙهو سامونڊي گاهه ۽ ٽڊي سيم ( لوڪسٽ بين ) ۽ جلد کي بهتر بڻائيندڙ جزا شامل هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ هيالورنڪ ايسڊ شامل آهي جيڪا جلد جي نمي بهتر ڪندي آهي. رنگت لاءِ وٽامن بي ٿري، جهرين جي خاتمي لاءِ گلوڪوزامائن ۽ وٽامن سي وغيرا به ان ماسڪ جو حصو آهي.  ڪمپني ان پروڊڪٽ بابت قيمت ۽ ٻيا تفصيل ناهن ٻڌايا ۽ اميد آهي ته هن سال جي آخر ۾ اها سهولت سڀ کان اڳ آمريڪا ۾  فراهم ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے