21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: ٽنڊو حيدر: پنجاب کان گهر ڀاتين سميت هڪ انوکي گاڏي امن جا پانڌيئڙا کڻي ٽنڊو حيدر پهچي وئي

ٽنڊو حيدر   ويجهو پاڪستان ۾ امن جو پيغام ڏيڻ لاءِ  پنجاب کان گهر ڀاتين سميت هڪ انوکي گاڏي امن  جا پانڌيئڙا کڻي ٽنڊو حيدر پهچي وئي.

پنجاب  جي ضلع جهنگ مان پکي نما ٺھيل گاڏي ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ  نڪتل امن جي سفير  ٽنڊي حيدر ۾ امن جو پيغام  ڏنو ته پاڪستاني قوم امن پسند آھي.

موقعي تي قلم ڌڻين  ۽ شھرين وڏي انگ ۾ پهچي سندس  شاندار استقبال ڪيو.

ان موقعي تي  محمد اسماعيل جٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪجهه   ماڻھون ملڪ جو امن خراب ڪري رهيا آھن  هو  امن فاخته جي ذريعي پوري ملڪ ۾ امن جو پيغام ڏيڻ لاءِ  نڪتا آھن.

هن  چيو ته سنڌ جي ماڻھن ۾ مهمان نوازي ۽ سخاوت واريون رسمون اڄ به ساڳيون آھن.

ٻي طرف سياسي ۽  سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪينه گلزار ورياماڻي ، شاهد خانذادا، ڪامران کيڙو ۔آصف کوسي  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آھي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ   امن جو پيغام پوري ملڪ ۾ پهچائڻ سندن اخلاقي فرض آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے