19 ہفتہ , جنوری 2019

سام سنگ سمارٽ فون جا واهپيدار اڳواٽ موجود فيسبڪ ايپ اَن انسٽال ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڪمپني سام سنگ جا سمارٽ فون استعمال ڪندڙن واهيپدارن شڪايت ڪئي آهي ته جن فونن ۾ اڳواٽ فيسبڪ انسٽال ٿيل آهي، ان کي اَن انسٽال ڪرڻ ممڪن ناهي. سمارٽ فون ڪمپني طرفان ڪجهه ضروري ايپليڪشن جهڙوڪ اي ميل، ميسنجر وغيرا اڳواٽ ئي انسٽال هوندا آهن پر سوشل ميڊيا جي دور ۾ سمارٽ فون ۾ هاڻ ٽوئيٽر، ايمازون فيسبڪ ايپ به انسٽال ڪيا پيا وڃن. بلو مبرگ جي نئين رپورٽ موجب ڪيئي واهپيدار ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ته اڳواٽ انسٽال ٿيل فيسبڪ ايپ کي اَن انسٽال ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ Delete  جو ڪو به آپيشن ئي موجود ناهي. واهپيدارن موجب جيڪڏهن فيسبڪ استعمال نه ڪرڻو هجي ته ان لاءِ وري هڪ ئي رستو وڃي بچي ٿو ته هو پنهنجو اڪائونٽ غيرفعال ڪري ڇڏي. ٽيڪنالوجي ماهرن موجب اڳواٽ اسنسٽال ٿيل فيسبڪ ايپ رڳو هڪ آئيڪون آهي، اصلي ايپ ناهي، پر ان حوالي سان ڪمپني طرفان ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته واپيدارن طرفان حوالي سان ٽوئيٽر تي شڪايتن جو سلسلو جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے