19 ہفتہ , جنوری 2019

عالمي شهرت رکندڙ فٽبالر ڪاڪا ۽ فيگو جي پاڪستان آمد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) عالمي شهرت رکندڙ فٽبالرز رڪارڊو ڪاڪا ۽ لوئس فيگو پاڪستان پهچي ويا آهن.  برازيل جو ڪاڪا ۽ پرتگال جو اڳوڻو ڪپتان لوئس فيگو ڪراچي جي جناح ايئرپورٽ تي پهتا ته کين سنڌ جي روايتي ٽوپي ۽ اجرڪ تحفي ۾ پيش ڪيا ويا. پاڪستان ۾ فٽبال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻئي رانديگر مختصر دوري تي دبئي مان ڪراچي پهتا جتي مختصر ترسڻ بعد اڄ شام ئي لاهور روانا ٿي ويندا. ڪاڪا ۽ لوئس فيگو ورلڊ ساڪر اسٽارز تحت ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ بريفنگ ڏيندا.رانديگرن کي پاڪستان گهرائيندڙ اداري ٽچ اسڪاءِ گروپ جي سي اي او ڪنور احمر چيو ته عالمي شهريت رکندڙ فٽبالرن جي دوري سا سموري دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري اميج ويندو.  پاڪستان ۾ فٽبال کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ورلڊ ساڪر اسٽارز تحت 2 ميچون 26 ۽ 19 اپريل تي ڪراچي ۽لاهور ۾ ٿينديون، جنهن ۾ فيگو ۽ ڪاڪا کانسواءِ ٻيا سپر اسٽارز فٽبالر به ايڪشن ۾ هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے