19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪاڪا ۽ فيگو ڪراچي ۾ شاندار آجيان ۽ مهمان نوازيءَ تي خوش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ورلڊ سوڪرز اسٽار 2019 جي افتتاح لاءِ آيل برازيل جي عظيم فٽبالر ريڪارڊو ڪاڪا ۽ پرتگال جي اسٽار لوئس فيگو شاندار استقبال تي ڪراچي واسين جا ٿورا مڃيا آهن. خميس ڏينهن ڪراچي پهچندڙ ڪاڪا ۽ فيگو جون ٽيمون ورلڊ سوڪر اسٽار 2019 جي سلسلي ۾ 26 کان 29 اپريل تائين ڪراچي ۽ لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ڪراچي جي پرل ڪانٽي نينٽل هوٽل ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي فيگو ڪراچي ۾ بهترين انداز ۾ ڀليڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اسان اپريل ۾ ميچ کيڏڻ لاءِ 10 عظيم رانديگرن سان گڏ اينداسين. ڪاڪا به شاندار استقبال تي ٿورا مڃيندي چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان آيا آهيون ۽ اسان هن ملڪ ۽ هتان جي عوام بابت تمام سٺي راءِ رکون ٿا. تقريب ۾ پاڪستاني فٽبال ٽيم جي ڪپتان صدام حسين ۽ مڊ فيلڊر سعدالله سميت ميڊيا جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صدام حسين پرڏيهي ستارن فيگو ۽ ڪاڪا لاءِ پاڪستاني ٽيم جي جرسي کڻي آيو ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان منهنجو تحفو وٺندئو ته منهنجي لاءِ تمام اعزاز جي ڳالهه هوندي. تقريب دوران هڪ رپورٽر نشاندهي ڪئي ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان کي اسٽيج تي نه گھرايو ويو ته صدام به اسٽيج تي پهچي ويو ۽ هن ٻنهي اسٽارز کي پاڪستان جي جرسي پيش ڪندي پاڪستان اچڻ تي ٿورا مڃيا. فيگو کان سوال ڪيو ويو ته ريال ميڊرڊ کي سپورٽ ڪندا آهيو يا بارسلونا کي؟ ته هن چيو اهو هڪ سولو سوال آهي، آئون ريال ميڊرڊ جو ميمبر آهيان. فيگو کان جڏهن سوال ڪيو ويو ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ رونالڊو مان بهترين ڪير آهي؟ هن چيو ته آئون کيڏڻ جي مختلف انداز سبب رانديگرن جي ڀيٽ ناهيان ڪندو ۽ جيڪڏهن هڪ جي چونڊ ڪنداسين ته ائين لڳندو ٻيو ايترو اهم نه آهي، آئون ٻنهي سان گڏ کيڏيو آهيان، ان ڪري ڪنهن هڪ جي چونڊ نٿو ڪري سگھان. هن نوجوان رانديگرن کي محبت ۽ همٿ نه هارڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته رانديگرن جون صلاحيتون اڀارڻ ۽ راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت بندوبست ڪري. ڪاڪا تسليم ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ وانگر فٽبال گھڻو مشهور ناهي پر هن چيو ته هاڻي در کلي رهيا آهن ۽ نوجوان رانديگرن کي منهنجي صلاح آهي ته هو خواب ڏسن ۽ پوءِ انهن کي پورو ڪرڻ ۾ لڳي وڃن پر گھڻا ماڻهو ائين ناهن ڪندا. ان کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي ٻنهي رانديگرن خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته کين سخت سيڪيورٽي ۾ ڪراچي جي خانگي هوٽل پهچايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے