18 جمعہ , جنوری 2019

ٿر مستقبل ۾ ملڪ جي قسمت تبديل ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ ڏڪاري صورتحال تي نيٺ پ پ قيادت سنجيده رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متحرڪ ٿي ويو آهي ۽ هن اسيمبلي ميمبرن سان رابطن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين سان سنڌ اسيمبلي ميمبر ارباب لطف الله ملاقات ڪري کيس ٿر جي صورتحال ۽ علائقي ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿر مستقبل ۾ ملڪ جي قسمت تبديل ڪندو، ٿر ڪاري سون سان مالامال آهي، اهو سڄي ملڪ کي روشن ڪندو، اسان ٿر کي ترقي ڏياري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے