19 ہفتہ , جنوری 2019

ماهرن طرفان ڪراڙپ کان بچائڻ جي دوا تيار ڪرڻ جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هونئن ته عمر وڌڻ سان جسم ۾ ايندڙ تبديلين کي روڪڻ تقريبن ناممڪن آهي پر سائنسدانن جي خيال ۾ هو پوڙهائپ اچڻ کي روڪي سـگھن ٿا. حقيقت ۾ اهي اهو ڪم هڪ دوا ذريعي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان ۾ هنن  گهڻي حد تائين ڪاميابي جي دعويٰ به ڪئي آهي. سائنسدانن مختلف دوائن جي ميلاپ سان اهڙي دوا دريافت ڪئي آهي، جيڪا جسم ۾ اهڙن خلين کي صاف ڪندي آهي، جيڪي پوڙهائپ جي آثارن جو سبب بڻبيون آهن. اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي. مايو ڪلينڪ، ويڪ فوريسٽ باپسٽ اسپتال جي گڏيل تحقيق دوران ماڻهن کي ڪينسر جي مريضن کي استعمال ڪرائي ويندڙ دوا ۽ نباتاتي ڪيورسيٽين سپليمينٽ جو استعمال ڪرايو ويو. اهو جز بصرن ۽ سائي چانهه ۾ ملي ٿو ۽ ڏٺو ويو ته اهو انهن خلين تي ڪهڙي ريت اثرانداز ٿيندو آهي. ٽن هفتن ۾ ئي ان ماڻهن ۾ سٺيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون ۽ سائنسدانن جي خيال ۾ ان ريت عمر وڌڻ سان جسم تي طاري ٿيندڙ اثر ۽ مرضن جي روڪڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو. محققن موجب اهي خليون گھٽ ۾ گھٽ 20 وڏن مرضن جو خطرو  وڌائينديون آهن پر ان طريقي ڪار سان ان کان بچڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو. ان ڪاڪ ٽيل دوا جي پهرين آزمائش ڪوئن تي ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي انسانن تي ان جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. بزرگ ماڻهن کي ان دوا جو استعمال ڪرايو ويو ۽ نتيجن مان خبر پئي ته دوا جي استعمال سان گهمڻ ڦرڻ جي ٽيسٽ ۾ ان جي ڪارڪردگي گهڻي بهتر هئي، جڏهن ته ڪرسي تان 2 سيڪنڊ وڌيڪ تيزي سان اٿڻ لڳا. محققن ان دوا جي عام استعمال کان اڳ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي دي لانسيٽ ۾ شايع ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے