19 ہفتہ , جنوری 2019

سکر ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، 70 ڪروڙن واري رٿا 40 ڏينهن ۾ ناڪام، نلڪن تي شهرين جي رش

سکر(رپورٽر) سکر ۾ پيئڻ جيِ صاف پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، پراڻو سکر، وس پور محلا، قريشي روڊ، بکر چوڪ، زيرو پوائنٽ، اسلام ڪالوني، نيو پنڊ، شاليمار روڊ، ميناره روڊ، سکر پريس ڪلب روڊ، ورڪشاپ روڊ، بئراج روڊ، واري تڙ، آچر گهٽي، شمس آباد، غريب آباد، شهيد گنج، والس گنج، شاهي بازار، فريئر روڊ، نصرت ڪالوني سکر سميت شهر جي 80 سيڪڙو آبادي واٽر سپلاءِ کان محروم بڻيل  آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ هينڊ پمپن تي ٻار، بزرگ، نوجوان، عورتون گڏهه گاڏن، موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي پئسن عيوض پاڻي وٺڻ تي مجبور آهن، ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي غير معياري منصوبا بندي ۽ ڪرپشن جي ڪري گذريل سال  70 ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل آئلينڊ جي ٽي پمپنگ اسٽيشن جوڙي وئي هئي، جيئن سکر بئراج جي سالياني وارابندي دوران پاڻي جي لهي وڃڻ سبب درياهه جي وچ سير مان پاڻي حاصل ڪري سگهجي. ماهرن جي ٽيم منصوبو مڪمل ڪري روانو ٿيڻ کان پوءِ هي پراجيڪٽ 40 ڏينهن به نه هلي سگهيو، ميئر سکر ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي بي ڌياني سبب 70 ڪروڙ رپين جو منصوبو بلڪل ناڪاره ٿي ويو، سکر شهر جو عوام صاف پاڻي پيئڻ کان محروم ٿي ويو آهي، منصوبي جو ڪم جيستائين هلندو رهيو تيستائين ميئر سکر شهرين کي دلاسا ۽ آسرا ڏيندو رهيو ته تمام جلد شهرين کي صاف پاڻي مهيا ڪيو ويندو ۽ سکر شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ 40 سالن تائين شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني يا تڪليف نه ٿيندي، پر ميئر سکر جا آسرا صرف آسرا ئي رهجي ويا. سکر شهر جي عوام ڏورانهن ڏورانهن علائقن کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، شهري پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ سبب گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جنهن سبب چمڙي ۽ پيٽ جي بيماري سميت  مختلف بيمارين ۾ وڏن توڙي معصوم ٻارڙا وڪوڙجي ويا آهن. شهر جو عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائر جسٽس امير هاني مسلم سکر جي دوري دوران شهر ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ميئر ارسلان اسلام شيخ کي ڇنڊ پڻ پٽي هئي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے