19 ہفتہ , جنوری 2019

بحريا ٽائون جي رجسٽريشن دوکيبازي سان ٿيڻ جو انڪشاف، ملڪ رياض دغاباز قرار

لاهور (م ڊ) هڪ پراڻي ڪاروباري شهري ملڪ رياض تي دوکيبازي جو الزام هڻندي بحريا ٽائون جي رجسٽريشن به دوکيبازي سان ڪرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، شهري آصف عارف لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون هن ساٿين سان گڏجي شروع ڪيو ، هي رٿا بحريا فائونڊيشن نارٿ، پاڪستان انڊسٽريل ڪمپليڪس ۽ يونيڪون انٽر نيشنل گڏيل طور  شروع ڪيو، هن چيو ته ملڪ رياض  وائيس ايڊ مرل رٽائرڊ جاويد اقبال جي ڀيڻويي جو ڪاروباري حصيدار هو، کيس صلاح مشوري لاءِ شامل ڪيو ويو ته هن سڀني کي فارغ ڪري منصوبي تي قبضو  ڪيو، هن الزام هنيو ته ملڪ رياض  بحريا فائونڊيشن نارٿ جا ليٽر هيڊ غير قانوني طور  استعمال ڪيا ۽ دوکي سان بحريا ٽائون جو نالو پنهنجي نالي رجسٽر ڪرايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے