19 ہفتہ , جنوری 2019

مخالف ڌر کي سنڌ اسيمبلي جون اسٽينڊنگ ڪميٽيون جوڙڻ جي خاطري، احتجاج ملتوي

Gaji khahwar: The residents contaminated against water shortage in different branchesڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه مخالف ڌر کي سنڌ اسيمبلي جون اسٽينڊنگ ڪميٽيون جوڙڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ايوان ۾ رٿيل احتجاج ملتوي، ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سميت ٻيون اسٽينڊنگ ڪميٽيون نه جڙڻ جي معاملي تي مخالف ڌر جي احتجاج جي فيصلي بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي سان ملاقات ڪئي، وڏي وزير مخالف ڌر اڳواڻ کي ڪميٽيون جلد ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي ان بعد ٻنهي اڳواڻن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سازگار ماحول ۾ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير جي خاطري بعد مخالف ڌر احتجاج جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے