19 ہفتہ , جنوری 2019

گئس لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ يڪراءِ ٺهراءُ پاس، سي سي آءِ اجلاس لاءِ اڄ خط لکڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي سنڌ صوبي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي يڪراءَ ٺهراءَ ذريعي سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته وفاق سان رابطو ڪري گئس جو مسئلو فوري طور تي حل ڪرايو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير  وزيراعظم کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو تڪڙو اجلاس سڏائڻ لاءِ اڄ خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم پي اي محمد حسين سيد سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي مسئلي جي حل لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي پ پ، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سميت سمورين پارٽين حمايت ڪئي، محمد حسين ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار وفاق سان رابطو ڪري گئس جو مسئلو حل ڪرائي سنڌ جو عوام خاص ڪري ڪراچي جو عوام ڀوڳي پيو،گئس نه هجڻ ڪري ملڪي معشيت ويهي رهي آهي،  و ڏي وزير سيد مراد علي شاهه گئس جي مسئلي تي ٺهراءَ آڻڻ تي مخالف ڌر ۽ سرڪاري ڌر جا ٿورا مڃيدي چيوته سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءَ حاصل ڪري سڀاڻي(اڄ ) وزيراعظم کي خط لکي گئس جي مسئلي تي جلد سي سي آءِ اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪندس، خط جي ڪاپي پارلياماني اڳواڻن کي به ڏيندس، هن چيوته وفاق کي ٻيهر خط لکندس، اڳ به اسان سي سي آءِ ۾ معاملو اٿاريو آهي، اميد  آهي ته وفاق آئين موجب سنڌ کي گئس بابت پنهنجو حق ڏيندو، وفاق اسان کي متبادل انرجي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ته اسان ڪم شروع ڪريون،  هن چيوته سي سي آءِ ۾ هڪ آئون ميمبر آهيان ٻيا ٽي ميمبر به سنڌ سان تعلق رکن ٿا، جيڪي پارٽيون ان معاملي تي ڳالهائين پيون انهن کي گهرجي ته اهي وفاق ۾ پنهنجن نمائندن کي سنڌ جي حمايت لاءِ پابند ڪن، هن چيو ته ونڊ انرجي به سستي آهي، فيبروري ۾ پاور پلانٽ ۾ بجلي ايندي، وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ويڇا رکي هلندي ته مسئلا حل نه ٿيندا، ڪجهه ڌرين کي سنڌ سرڪار اٽڪيل آهي، ان کان اڳ   پ پ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وفاق گئس جي پيدوارا ڪندڙ سنڌ صوبي  کي گئس نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري پيو، اسان به خاموش نه ويهنداسين، هن چيو ته سي اين جي اسٽيشنز، فيڪٽريون توڙي ٻيو ڪاروبار متاثر ٿيڻ سان گڏ صوبي جو عوام ڀوڳي پيو، ان پوري معاملي ۾ وفاق جي نااهلي ظاهر ٿي آهي، رڳو سوئي سدرن جي ايم ڊي کي هٽائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته گئس جي ورهاست ۾ سنڌ کي ترجيح ڏني وڃي، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان پريس ڪلب بدران سوئي گئس آفيس آڏو ڌرڻو هڻو، جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته وفاق کي ڀل آهي، سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ ۾ وڏي طاقت آهي، هن اسيمبلي جي  ٺهراءَ ذريعي ملڪ وجود ۾ آيو هو، سنڌ سرڪار گئس جي معاملي تي وفاق سان ڳالهائي اسان گڏ آهيون،

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے